Book Name:Naikiyan Chupaiy

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف

(ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِڪاف جي معني آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نِيت ڪئي۔ نِيت دِل جي ارادي کي چئبو آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضِري ٿئي، دِل ۾ ارادو رکي زبان سان به اعتڪاف جي نِيت ڪري وٺو! ان جا ٻه فائدا ٿيندا: * پهريون اهو ته جيسيتائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو * مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪري ڇڏڻ سان ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته اهي سڀئي ڪم (يعني مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره) به جائز ٿي ويندا۔

 

درودِ پاڪ جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن ڪتاب ۾ مون تي درودِ پاڪ لکيو، جيستائين منهنجو نالو ان ۾ رهندو، ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا رهندا۔  (معجم اَوْسط، جلد:1 ، صفحہ: 497، حدیث: 1835)

عجب کرم ہے کہ خود مجرموں کے حامی                                    گناہگاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں

وہ پرچہ جس میں لکھا تھا درود اس نے کبھی                           یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں

سامانِ بخشش، صفحہ: 93-94 ملتقطاً

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد