Book Name:Naikiyan Chupaiy
آهي يعني حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ قرآنِ ڪريم، سيپاري: 21 ۾ سندن نالي جي هڪ پُوري سُورت آهي: سورۂ لقمان۔ حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو: پٽ! رِياڪاري هيءَ آهي ته تون نيڪي جو بدلو دُنيا ئي ۾ طلب ڪرين جڏهن ته نيڪ ماڻهو آخرت جي لاءِ نيڪيون ڪندا آهن۔ پٽ عرض ڪيو: بابا سائين! رياڪاري جو عِلاج ڇا آهي؟ فرمايائون: نيڪين کي لڪائڻ۔ پٽ وري عرض ڪيو: نيڪين کي ڪيئن لڪائي سگھجي ٿو، پٽ جي هن سُوال جي جواب ۾ حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻه ڳالهيون ارشاد فرمايون:
(1):فرمايائون: اهي نيڪيون جن جو اِظهار ضروري آهي، انهن ۾ اِخلاص سان داخِل ٿيو.
وضاحت: جيئن فرض نماز آهي، يقيناً اها تمام وڏي نيڪي آهي پر اها نيڪي اسان لڪي نٿا ڪري سگھون ڇوته فرض نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ واجِب آهي. اهڙي طرح حج آهي، عمرو آهي، اهي به تمام اعليٰ نيڪيون آهن پر ظاهر آهي حج ڪرڻ وينداسين ته ماڻهن کي خبر پئجي ئي ويندي، لهٰذا اهڙيون تمام نيڪيون جن جو اِظهار ضروري آهي يا جيڪي نيڪيون لڪائي ڪري ئي نٿيون سگھجن، اهڙيون نيڪيون صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ ڪيون وڃن، انهن ۾ واھ واھ جي، واکاڻ جي خواهش دِل ۾ نه رکي وڃي، اهڙي طرح جي نيڪين ۾ انهيءَ کي نيڪيون لڪائڻ چيو ويندو۔
(2) : ٻي نمبر تي حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اهي نيڪيون جيڪي لڪي ڪري سگھجن ٿيون (جيئن تهجد آهي، نفل نمازون آهن، صدقو ۽ خيرات آهي) اهڙي نيڪين ۾ ڪوشش ڪيو ته الله پاڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي کي ان جي خبر نه پئي ۽ جيڪر ڪا اهڙي نيڪي ماڻهن تي ظاهر ٿي وڃي ته ان کي