Book Name:Naikiyan Chupaiy

اسی ماحول نے ادنیٰ کو اعلیٰ کر دیا دیکھو        اندھیرا ہی اندھیر تھا، اُجالا کر دیا دیکھو

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت ٿئي. عَرۡض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جو نائب ڪير آهي؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارو۔ (جامع بیانِ عِلْم، باب: عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ: 201، حدیث: 220)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

وليمو ڪرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم:1: وليمو ڪيو جيتوڻيڪ هڪ ٻڪري جو ئي ڪيو. (بخاری، کتاب: النکاح، باب: الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ: 1329، حدیث: 5167) 2: بُرو کاڌو ان وليمي جو آهي جنهن ۾ مالدارن کي دعوت ڏني وڃي ۽ غريبن کي ڇڏيو وڃي۔ (بخاری، کتاب: النکاح، باب: من ترک الدعوۃ، صفحہ: 1331، حدیث: 5177)

اي عاشقانِ رسول! وليمو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي * اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وليمو ڪندا هئا. * اُمُّ المُؤۡمِنِيۡن حضرت صفيه رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا سان نِڪاح مهل پياري آقا، رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وليمي ۾ حَرِيسه کارايو هو۔ (بخاری، کتاب: النکاح، باب: الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث: 5169) حَرِيسه جي وضاحت: کجور، مکڻ، ڇوهارا ۽ گيھ ملائي ٺاهيل کاڌي کي حَرِيسه چيو ويندو آهي، ان جون کوڙ ساريون قسمون آهن ۽ مختلف طريقن سان بڻايو ويندو آهي۔