Book Name:Naikiyan Chupaiy
پنهنجي نيڪين ۾ شُمار ئي نه ڪيو...!( تفسیرِ قرطبی، پارہ: 5، سورۃ النساء، ھیٺ آیت: 36، جلد: 3، صفحہ: 110)
عطا کر دے اِخْلاص کی مجھ کو نعمت نہ نزدیک آئے رِیا یااِلٰہی!
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
سُورةُ الۡڪَهۡف جي هڪ آيت جي وضاحت
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! قرآنِ ڪريم مان آيت سڳوري جو هڪ حصو ۽ اُن جي مختصر سمجھاڻي ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪيون ٿا. سيپاري: 16، سُورت ڪهۡف، آيت: 110 ۾ آهي:
فَمَنْ كَانَ یَرْجُوْا لِقَآءَ رَبِّهٖ فَلْیَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا وَّ لَا یُشْرِكْ بِعِبَادَةِ رَبِّهٖۤ اَحَدًا۠(۱۱۰)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ جيڪو پنهنجي ربّ سان ملاقات جي اُميد رکندو هجي اُن کي گهرجي ته نيڪ ڪم ڪري ۽ پنهنجي رب جي عبادت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري. (پارہ: 16، سورۂ کہف: 110)
ملائڪن جون دُعائون حاصِل ڪرڻ جو آسان عَمَل
هيء سورت ڪهف جي آخري آيت جو حصو آهي، اسلام جي ٻي خليفي اَمِيرُ الۡمُؤۡمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو هن کي پڙھي، ان جي لاءِ مقامِ عدن کان مڪي پاڪ تائين نُور بلند ڪيو ويندو، ملائڪ ان نُور جي چوڌاري هوندا آهن ۽ پڙھڻ واري جي لاءِ رحمت ۽ مغفرت جي دُعا ڪندا آهن۔ (تفسیرِ قرطبی، پارہ: 16، سورۂ کہف، ھیٺ آیت: 110، جلد: 5، صفحہ: 306) (مسند بزار، جلد: 1، صفحہ: 421، حدیث: 297)
سُبۡحٰنَ الله! ملائڪن جون دُعائون حاصِل ڪرڻ جو ڪيترو آسان عَمَل آهي، اها آيت سڳوري ڪجھ سيڪنڊن ۾ پڙھي سگھجي ٿي ۽ فضيلت ڇا آهي؟ پڙھڻ