Book Name:Naikiyan Chupaiy
واري جي لاءِ نُور بلند ڪيو ويندو ۽ ملائڪ ان جي لاءِ رحمت ۽ مغفرت جي دُعا ڪندا۔ الحمد لله! شجره عاليه قادريه، رضويه عطاريه ۾ به هن آيت جو وِرد شامِل آهي، شجره عاليه قادريه رضويه: شيخ طريقت، امير اهلسنت حضرت علَّامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جو عطا ڪيل وِرد وظيفن جو مختصر مجموعو آهي، هن ۾ سمهڻ وقت جي ست عملن مان هي پنجون عَمَل آهي: (سمهڻ وقت) سُوۡرَۃُ الۡڪهۡف جون آخري 4 آيتون (پڙھو!) فضيلت: رات ۾ يا صبح جنهن وقت جاڳڻ جي نيت سان پڙھندؤ، اک کلي ويندي (ان شآء الله الڪريم!)۔ (شجرہ عطاریہ، صفحہ: 32)
الله پاڪ اسان سڀني کي قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ، سمجھڻ، ان تي عمل ڪري دُنيا ۽ آخرت جون برڪتون ميڙڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔
عمل کا ہو جذبہ عطا یااِلٰہی! گُنَاہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی!
دے شوقِ تِلاوت، دےذوقِ عِبَادت رہوں باوُضُو میں سدا یااِلٰہی!
(وسائلِ بخشش، صفحہ: 102 ملتقطاً)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! سُورت ڪهف جي آخري آيت جو جيڪو حصو هينئر اسان ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي، هن آيت سڳوري جو شانِ نُزُول بيان ڪندي حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاههِ رِسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مان الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ نيڪ عمل ڪيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجي نيت صِرف الله پاڪ جي رِضا ئي هوندي آهي پر جڏهن منهنجي نيڪي ظاهر ٿي ويندي آهي، ماڻهن کي منهنجي نيڪ عملن جي خبر پئجي ويندي آهي ته مان خُوش ٿيندو آهيان (ته واه!