Book Name:Naikiyan Chupaiy

خيرات ڪري ٿو ته جيئن سخي سڏجي، يعني ٻانهو نيڪي ڪرڻ کان پهريان يا نيڪي ڪرڻ جي دوران ئي رياڪاري جو شِڪار ٿئي، اها رياڪاري جي پهرين صُورت آهي۔ (2): اهڙي طرح رياڪاري جي هڪ ٻي صُورت به آهي، اها هيءَ ته انسان نيڪي جو ڪم ڏيکاءُ جي لاءِ نه ڪري بلڪه اِخۡلاص سان، خالِص الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ نيڪي ڪري پر نيڪي ڪرڻ کان بعد، زِندگي ۾ ڪنهن وقت ڪنهن به دُنياوي مقصد جي لاءِ مثال طور پنهنجي واھ واھ جي لاءِ، عِزَّت ۽ مرتبي جي لاءِ، پنهنجي ان اِخۡلاص واري عَمَل جو اِظۡهار ڪري ته ايئن پنهنجي اِخۡلاص وارين نيڪين جو اِظهار ڪرڻ به رِياڪاري ئي ۾ شامِل آهي۔ حجة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: روايتن مان خبر پوي ٿي ته هن طرح عَمَل کي ظاهر ڪرڻ سان پڻ عَمَل برباد ٿي ويندو آهي۔   (احیاءُ العلوم، جلد: 3، صفحہ: 908)

نيڪي جو  اظهار  ڪرڻ عَمَل کي برباد ڪري ڇڏيندو آهي

حضرت ابودرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بيشڪ نيڪي جي حِفَاظت ڪرڻ نيڪي ڪرڻ کان وڌيڪ مشڪل آهي، بيشڪ انسان نيڪي ڪندو آهي ته ان جي لاءِ تنهائي ۾ ڪيل هڪ نيڪي ۽ اُن سان گڏ 70 ستر ڀيرا وڌائي (نيڪي جو ثواب) لکيو ويندو آهي. پوءِ شيطان ان سان لڳو پيو هوندو آهي، ايتري تائين جو ٻانهو ماڻهن جي سامهون پنهنجي نيڪي جو اِظۡهار ڪندو آهي، پوءِ 70 ڀيرا اِضَافو (جيڪو ان جي اَعۡمَال نامي ۾ لکيو ويو هو) مٽايو ويندو آهي، پوءِ شيطان ان ٻانهي سان چنبڙيل رهندو آهي، ايستائين جو ٻانهو ٻئي ڀيري پنهنجي نيڪي جو اِظهار ڪندو آهي، ٻانهي جي خواهش هوندي آهي ته ان جي نيڪي جو ذِڪر ڪيو وڃي، نيڪ ڪم تي ان جي واکاڻ ڪئي وڃي، پوءِ ان جو اهو عَمَل مٽايو ويندو آهي ۽ ان جي بدران رياڪاري جو گُنَاھ لکيو ويندو آهي، انسان کي