Book Name:Naikiyan Chupaiy

بيان ٻڌڻ جون نيتون:

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّۃُ الۡحَسَنَۃُ تُدۡخِلُ صَاحِبَهَا الۡجَنَّۃَ يعني سٺي نيت انسان کي جنت ۾ داخِل ڪرائي ڇڏي ٿي۔ (مسند فِرْدَوس، جلد: 4، صفحہ: 305، حدیث: 6895)

 اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان به ڪي سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجھ سان بيان ٻُڌندس * بيان ٻُڌي ان تي عمل جي ڪوشش ڪندس * جيڪو ٻڌندس، ٻين تائين پهچائي عِلمِ دين پکيڙڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

ٽئين صدي هجري جا هڪ بزرگ حضرت اسماعيل بن نُجَيد نيشاپُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه گذريا آهن، اهي پنهنجي دور جا تمام وڏا امام، مُحَدِّث، زاهد ۽ صُوفي بزرگ هئا ۽ حضرت ابوعثمان حِيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مريد هئا۔ هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته سندن پِير صاحب حضرت ابوعثمان حِيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪامل مُرِيد حضرت اسماعيل بن نُجيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي راھ خُدا ۾ صدقو ڪرڻ جو فرمايائون، حضرت اسماعيل بن نُجيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه يڪدم 2 هزار دِرهم (يعني چاندي جا سِڪا) سندن خِدمت ۾ حاضر ڪيا۔ شيخ ابوعثمان حِيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪامِل مُريد جي سخاوت کان ڏاڍو خوش ٿيا، ماڻهن کي هن ڳالھ جي خبر پئي ته انهن به خوب ساراهيو۔ حضرت اسماعيل بن نُجيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن ڏٺو ته منهنجو نيڪ عَمَل ظاهر ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪري رهيا آهن ته کين دِلي صدمو پهتو، پاڻ پنهنجي پِير صاحب جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي ماڻهن جي سامهون عرض ڪيائون: سائين! مون کي منهنجو مال واپس موٽائي ڏيو، مان هينئر راھ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ نٿو چاهيان۔ پِير صاحب سڀئي درهم واپس موٽائي ڏنا۔ ماڻهن جڏهن اهو عجيب معاملو ڏٺو ته اهي حضرت اسماعيل بن نُجَيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بُرو