Book Name:Naikiyan Chupaiy

ڀلو چوڻ لڳا (ته هي ڪهڙو ماڻهو آهي، راھِ خُدا ۾ رقم ڏئي وَري واپس ورتي اٿس)۔ حضرت اسماعيل بن نُجيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن جي انهن ڳالهين جي ڪا پرواھ نه ڪئي ۽ رقم وٺي گھر اچي ويا۔ جڏهن رات ٿي ۽ حضرت عثمان حِيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تنهائي ۾ ويا ته هاڻي ڪامل مُرِيد حضرت اسماعيل بن نُجَيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِير صاحب جي خدمت ۾ حاضِر ٿي اهي ئي 2 هزار دِرهم پيش ڪري عرض ڪيائون: سائين! هي 2 هزار دِرهم آهن، اوهان کي جنهن دِيني ضرورت تي خرچ ڪرڻا آهن، لڪائي خرچ ڪريو، منهنجو نالو ڪنهن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏجو۔ حضرت عثمان حِيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪامل مُرِيد جي اها ڳالھ ٻڌي ته اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ فرمايائون: اي اسماعيل! تنهنجي همَّت کي سلام هجي...! (تاریخ الاسلام، جلد: 8، صفحہ: 525)

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ             گناہوں سے ہردَم بچا یااِلٰہی!

مِرا ہر عَمَل بَس ترے واسطے ہو               کر اِخْلاص ایسا عطا یااِلٰہی!

عِبَادت میں گزرے مری زندگانی            کرم ہو کرم یاخُدا یااِلٰہی!

(وسائلِ بخشش، صفحہ: 105)

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

الله وارن جي هڪ پاڪيزه عادَت

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جا بزرگ سڳورا نيڪ عملن ۾ اِخۡلاص جو ڪيترو خيال رکندا هئا! اهي پاڪيزه ماڻهو پنهنجون نيڪيون لڪائڻ جو ڪيتري قدر جذبو رکندا هئا...! اسان جي نيڪي ظاهر ٿي وڃي، ماڻهو واکاڻ ڪرڻ لڳن، واھ واھ ٿيڻ لڳي، ماڻهن جي ميڙ ۾ اِعلان ٿي وڃي ته فُلاڻي صاحِب ايتري رقم راھ خُدا ۾ صدقو ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وڃي، اخبار ۾ اشتهار لڳي ته اسان کي خُوشِي ٿيندي آهي، اسان تمام گهڻا خوش ٿيندا آهيون، پر قربان وڃجي! انهن نيڪ ۽ پاڪيزه ماڻهن جي