Book Name:Naikiyan Chupaiy

يعني ٻانهو نيڪيون ڪري پر اُن نيڪين کي شُمار نه ڪري بلڪه نيڪين ۾ جيڪا اِخۡلاص جي ڪمي رهجي وئي، ان ڪمي جي فِڪر ڪري ۽ الله پاڪ کان مُعَافِي جو طلبگار رهي۔

(۲):رڳو رِضاءِ اِلٰهي جو طلب گار رهڻ

الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي ٻي وَصۡف جيڪا اسان کي نيڪين جي اِظۡهار جي آفت کان بچائي سگھي ٿي، اها هي آهي ته اسان جا بزرگ سڳورا هر حال ۾ الله پاڪ جي رِضا جا طلبگار رهندا هئا، انهن جي زِندگين جو صِرۡف هڪ ئي مقصد هو: ڪنهن طرح الله پاڪ اسان کان راضِي ٿي وڃي۔

وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰى حُبِّهٖ مِسْكِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا(۸) اِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِیْدُ مِنْكُمْ جَزَآءً وَّ لَا شُكُوْرًا(۹)

(پاره 29، سورۂ دَهر: 8-9)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اُهي الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي کاڌو کارائن ٿا. اسان توهان کي خاص الله جي رضا جي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. اسان توهان کان نه بدلو گهرون ٿا ۽ نه مهرباني.

ڏسو! اها الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي وَصۡف آهي، اهي يتيمن کي، مسڪينن کي کاڌو کارائيندا آهن، ڇو کارائيندا آهن ؟ صِرۡف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ ۽ مَاشَآءَ اللہ! هي خواهش به نٿا رکن ته ڪو انهن کي ”شڪريه (Thank You) چئي۔

الله پاڪ اسان کي به رضاءِ الٰهي جو طلب گار بڻائي۔ اسان جي زندگي جو اصل مقصد ئي الله پاڪ کي راضي ڪرڻ آهي، جيڪڏهن الله پاڪ راضي ٿي وڃي ته ڀاڳ ئي کلي پوندا ۽ جيڪڏهن الله پاڪ راضي نه ٿئي ته يقين مڃو! سڄي دنيا به اسان جي واکاڻ ڪري رهي هجي تڏهن به ڪجھ حاصل نه ٿيندو۔