Book Name:Naikiyan Chupaiy

اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ايئن ٿيو ته قبر جي ان تنهائي ۾، هن وحشت ۾ اسان تي ڇا گذرندي، ڪيڏو غم جو پهاڙ ٽٽندو، ڪيتري حسرت ٿيندي...!!

ان وقت ماڻهو زمين جي مٿان اسان جي تعريف ڪري به رهيا هجن ته ڪهڙو فائدو؟ اسان ته قبر جي تنهائي ۾ غَم ۽ شرمندگي جو شِڪار ٿي رهيا هونداسين، حسرت ٿي رهي هوندي پر اَفسوس!

اَب پچھتائے کیا ہووَت جب چڑیاں چُگ گئیں کھیت

کچھ مرے بچنے کی صُورت کیجئے                اب تو جو ہونا تھا مولا ہو گیا

(ذوقِ نعت، صفحہ: 35)

سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ ڪير...؟

 اي عاشقانِ رسول! سنجيدگي سان غور ڪيو! نيڪين جو اِظۡهار ڪرڻ ۽ ان جي ذريعي رياڪاري جو شِڪار ٿيڻ ڪيتري قدر نقصان پهچائيندڙ آهي...! سيپاري: 16، سورت ڪهف، آيت: 103 ۽ 104 ۾ ارشاد  ٿئي ٿو:

قُلْ هَلْ نُنَبِّئُكُمْ بِالْاَخْسَرِیْنَ اَعْمَالًاؕ(۱۰۳) اَلَّذِیْنَ ضَلَّ سَعْیُهُمْ فِی الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا وَ هُمْ یَحْسَبُوْنَ اَنَّهُمْ یُحْسِنُوْنَ صُنْعًا(۱۰۴)  (پاره: 16، سوره ڪهف: 103-104)         

ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: ڇا اسان توهان کي ٻڌايون ته سڀني کان وڌيڪ ناقص عمل وارا ڪهڙا آهن؟ اهي ماڻهو جن جي سموري ڪوشش دنيا جي زندگي ۾ تباھ ٿي وئي ۽ اُهي هي خيال ڪري رهيا آهن ته اُهي سٺا ڪم ڪري رهيا آهن.

هنن آيتن ۾ ٻڌايو ويو ته اهو شخص جيڪو دُنيا ۾ محنت ڪندو رهيو، ڪوشش ڪندو رهيو، ان بظاهر پنهنجو وقت ضايع ناهي ڪيو ۽ هو سمجھي رهيو هو ته مان کوڙ سٺا ڪم ڪري رهيو آهيان، مان گھڻيون نيڪيون ڪمائي رهيو آهيان پر جڏهن روزِ قيامت الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيو ته خبر پئي ته اها سڄي محنت، سڄي ڪوشش ته ضايع ٿي وئي، هي اهو شخص آهي