Book Name:Naikiyan Chupaiy
حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ عاجِزي ڪرڻ وارا هئا، پاڻ کي گنهگار شُمار ڪندا هئا، خوفِ خُدا سبب روئيندا هئا، پر الله پاڪ سندن شان ۾ فرمايو آهي:
وَ سَیُجَنَّبُهَا الْاَتْقَىۙ(۱۷) الَّذِیْ یُؤْتِیْ مَالَهٗ یَتَزَكّٰىۚ(۱۸) (پاره: 30،سورۃ الليل: 17-18)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ عنقريب سڀ کان وڏي پرهيزگار کي اُن باھ کان پري رکيو ويندو. جيڪو پنهنجو مال ڏيئي ٿو ته جيئن اُن کي پاڪيزگي ملي.
اها آهي اَصۡل لُطۡف جي ڳالھ، اسلام جو پهريون خليفو حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ عاجِزي ڪندي فرمائن ٿا: مان گنهگار آهيان، الله پاڪ فرمائي ٿو: هي نيڪن جو سردار آهي۔ بهر حال! نيڪين جو اِظۡهار ڪري، پاڻ پڏائي پنهنجون نيڪيون داءُ تي لڳائڻ، پنهنجي محنت ضايع ڪرڻ جا سبب بنائڻ سخت نقصان جي ڳالھ آهي، ڪنهن عقلمند کان پڇيو ويو: بُرو سچ ڇا آهي؟ فرمايائين: پاڻ پنهنجي واکاڻ ڪرڻ(يعني پنهنجي زبان سان پنهنجي واکاڻ ڪرڻ، پنهنجي نيڪين جو اِظۡهار ڪرڻ)۔
نيڪين جي اِظهار کان بچڻ جا ٻه طريقا
اسان جا بزرگ سڳورا جن جي اڄ دُنيا ۾ شهرت آهي، جن جي نالن سان محفلون سجنديون آهن، جن جي مزارن تي ماڻهن جو ميڙ هوندو آهي، الله پاڪ جي انهن نيڪ ماڻهن جون ٻه اعليٰ وصفون آهن، جيڪڏهن هنن وصفن کي اپنائي وٺون ته ان شاء الله الڪريم! نيڪين جي اِظۡهار جي آفت کان بچي پونداسين.
پهرين وَصف اها ته اسان جا بزرگانِ دين جيتوڻيڪ هر گهڙي نيڪين ۾ گذاريندا هئا، سڄي رات عبادت ڪندا هئا، روزانو سوين نفل پڙھندا هئا، ان