Book Name:Naikiyan Chupaiy

وَّ لَا یُشْرِكْ بِعِبَادَةِ رَبِّهٖۤ اَحَدًا۠(۱۱۰)  

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي عبادت  ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري.

تفسير قرطبي ۾ آهي: مُفَسِّر سڳورن جو اتفاق آهي ته هن آيت ۾ شِرڪ مان مُراد رِياڪاري (ڏيکاءُ) آهي. (تفسیرِ قرطبی، پارہ: 16، سورۂ کہف، ھیٺ آیت: 110، جلد: 5، صفحہ: 305) مطلب اهو ته جيڪو ٻانهو آخرت تي اِيمان رکي ٿو اهو نيڪيون ته ڪري ئي ڪري، عِبَادت ته ڪري ئي ڪري، نمازون به پڙھي، روزا به رکي، تِلاوت به ڪري، صدقو ۽ خيرات به ڪري، قرآنِ پاڪ ۽ سُنَّتِ مصطفيٰ جي ڇانو ۾ شريعت جي مُطَابق زِندگي گذاري، ان سان گڏوگڏ آخرت تي ايمان جي اها به تقاضا آهي ته ٻانهو رِياڪاري کان هر گھڙي بچندو رهي ۽ نيڪ ڪم صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ ڪري۔

اِخْلاص عطا کر دو! اور خُلق بھلا کر دو           بُلوا کے شہنشاہِ ابرار مدینے میں

رياڪاري شرڪ اَصغر آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت مان هڪ ته اها ڳالھ معلوم ٿي ته آخرت ۾ نجات جي لاءِ جهڙي طرح نيڪيون ڪرڻ ضروري آهن، اهڙي طرح پنهنجي نيڪين کي رياڪاري جي تباھ ڪاري کان بچائڻ به ضروري آهي۔ ٻي اها ڳالھ به هتي غور جي لائق آهي ته هن آيت ۾ رياڪاري جي لاءِ لفظ ”شرڪ“ استعمال ڪيو ويو آهي، هن ۾ رياڪاري جي سختي جي طرف اشارو آهي ته رياڪاري آهي ته گُنَاھ پر هي اهو گُنَاھ آهي جيڪو شرڪ سان مشابهت(هڪجھڙائي) رکي ٿو.

حضرت عُبَاده رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان صحابي رسول حضرت شَدَّاد بن اَوۡس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيس، پاڻ مصلي تي تشريف فرما هئا ۽ روئي رهيا هئا، مون عرض ڪيو: سائين...! ڪهڙي شيء اوهان کي روئاريو