Book Name:Naikiyan Chupaiy

آهي؟ حضرت شَدَّاد بن اَوۡس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جن فرمايو: هڪ حديثِ پاڪ جيڪا مون رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان ٻُڌي هئي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ اها حديثِ پاڪ بيان ڪندي فرمايائون: هڪ ڏينهن مون اُمَّت جي غمخوار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نور واري چهري تي پريشاني جا آثار ڏسي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا پيءُ ماءُ اوهان تي قربان...!! هي پريشاني جا آثار ڇا جي ڪري آهن؟

 (اللّٰهُ اَڪبَر!) اُمّت سان محبت ڪندڙ آقا، فِڪرِ اُمَّت ۾ غمگين رهندڙ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هڪ مُعَاملو آهي جنهن جو مون کي پنهنجي اُمَّت جي باري ۾ خوف آهي۔ حضرت شَدَّاد رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: مون پڇيو يار سولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو ڪهڙو مُعَاملو آهي؟ فرمايائون: شِرۡڪ ۽ خُفيه خواهش۔ مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اوهان جي اُمَّت شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويندي؟ ان تي فرمايائون: اي شَدَّاد! منهنجي اُمَّت سج، چنڊ ۽ پٿرن جي پُوڄا نه ڪندي پر منهنجي اُمَّت پنهنجي عملن ۾ ڏيکاءُ ڪرڻ لڳندي۔ مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا رِياڪاري شِرڪ آهي؟ فرمايائون: ها (رياڪاري شرڪ آهي)۔ مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! خفيه خواهش ڇا آهي؟ فرمايائون: هي ته منهنجو ڪو اُمَّتي روزو رکي پر ڪنهن دُنياوي خواهش جي ڪري روزو ٽوڙي ڇڏي۔ (مستدرک، کتاب: الرقاق، جلد: 5، صفحہ: 470، حدیث: 8010)

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مون کي توهان جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ شِرۡڪ اَصۡغَر جو خوف آهي۔ عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! شرڪ اَصۡغر ڇا آهي؟ فرمايائون: رياڪاري۔ وري فرمايائون: قيامت جي ڏينهن جڏهن ماڻهن کي اُنهن جي عملن جو بدلو ڏنو ويندو ته رِياڪارن کي چيو ويندو: انهن ئي وٽ وڃو جن کي دُنيا ۾ پنهنجا عمل ڏيکاريندا هيؤ۔ (مسند احمد، جلد: 9، صفحہ: 591، حدیث: 24273)