Book Name:Naikiyan Chupaiy

رهيو هوندو، ان وقت پنهنجو ايمان بچائڻ ڪيترو مشڪل هوندو، هاڻي ٿورو غور فرمايو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مون کي توهان بابت دَجَّال کان وڌيڪ ”رياڪاري“ جو خوف آهي۔ الله اکبَر! اندازو لڳايو! رياڪاري ڪيترو ته خطرناڪ مرض آهي۔

مٹا دے ساری خطائیں، مری مٹا یارَبّ    بنا دے نیک، بنا نیک دے بنا یارَبّ!

بنا دے مجھ کو اِلٰہی! خلوص کا پیکر             قریب آئے نہ میرے کبھی ریا یارَبّ!

رہائی مجھ کو ملے کاش! نفس و شیطاں سے    تِرے حبیب کا دیتا ہوں واسطہ یارَبّ!

وسائِلِ بخشش، صفحہ: 78

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

رِياڪاري ڇا کي چئبو آهي...؟

هر اهو ڪم (جيڪو شرعي طور دُرُست هجي ۽) الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ ڪيو وڃي، ان کي عبادت چئبو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ان ڪم کي الله پاڪ جي رِضا کان عِلاوه ڪنهن ٻي ارادي سان ڪري ته اها رِياڪاري آهي۔ (ریاکاری، صفحہ: 7) مثال طور نماز پڙھڻ عِبَادت آهي، جيڪڏهن ڪو نماز پڙھي ٿو پر الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ نٿو پڙهي، ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ پڙھي ٿو، اهڙو شخص رياڪار سڏبو۔

نيڪي جو اِظهار به رِياڪاري ۾ شامِل آهي

رِياڪاري جون ٻه بنيادي صُورتون آهن: (1): هڪ صُورت ته اها آهي ته ماڻهو ڏيکاءُ ئي جي لاءِ نيڪ ڪم ڪري مثال طور * هو نماز پڙھي ٿو ته جيئن ان کي نمازي چيو وڃي * روزو رکي ٿو ته جيئن روزيدار سڏائي * صدقو ۽