Book Name:Naikiyan Chupaiy

هر ننڍڙن ٻارن جو خيال ايندو، هر هر تڪليف پئي ستائيندي، سيني ۾ غم جو سمنڊ پيو ڇوليون هڻندو، ڳوڙها وهي رهيا هوندا، غم جو ڪيڏو جبل ٽٽي پوندو؟ هاڻي انهي تَصَوُّر جو ٿورو آخرت ڏانهن رخ ڪيو، اسان دُنيا ۾ ڪيئي سال گذاريا، سڄي زِندگي نمازون پڙھندا رهياسين، روزا رکندا رهياسين، صدقو خيرات ڪندا رهياسين، اشراق ۽ چاشت ۽ اَوَّابين جا به پابند رهياسين، تهجد به ڪڏهن نه ڇڏي، نفل حج به ڪيا، عمرا به ڪيا، نيڪين تي نيڪيون ڪندا وياسين، پنهنجي طور تي اسان وڏا نيڪ هئاسين، اَعۡمَال نامو نيڪين سان ڀريل سمجھي رهيا هئاسين، اوچتو موت جو فرشتو آيو، رُوح قبض ڪيو ويو، ڪهرام مچي ويو، ڪيترو نيڪ شخص هو، دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، هر اک آلي آهي، روڄ راڙو ٿي رهيو هو، نيٺ اسان کي ڪفن پارايو ويو، نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي، افسوس! پوءِ اسان کي اونداھي قبر ۾ لاهي اڪيلو ڇڏي ماڻهو غمگين دِل سان، واکاڻ ڪندي، اسان جي نيڪين تي واھ واھ ڪندي گھرن ڏانهن موٽي ويا، هاڻي اسان آهيون ۽ اسان جا عمل. هاڻي ان تنهائي ۾، وحشت جي عالَم ۾، قبر جي اونداهي ۾ خبر پوندي ته اسان جون اهي سموريون نيڪيون ته رِياڪاري جي ڪري برباد ٿي ويون...! افسوس! اهي ڊگھيون ڊگھيون نمازون، تهجد، اَوَّابين، اشراق، چاشت، اهي گرمين جا روزا، سڄي ڏينهن جي بک اڃ، لکين خرچ ڪري جيڪي حج ڪيا هئا، عمرا ڪيا هئا، پنهنجي پگهر جي ڪمائي جيڪا غريبن ۾ ورهائي هئي، مسجد جي تعمير ۾ حِصّو وڌو هو، ديني مدرسي تي خرچ ڪيو هو، سڄي زِندگي محنت ڪري، تڪليفون سهي، هڪ هڪ ڪري نيڪيون گڏ ڪيون هيون، اُمِّيد هئي، ڀروسو هو ته اهي نيڪيون قبر ۾ ڪم اينديون، عذابِ قبر کان بچائينديون، سخت انڌيري رات کي روشن فرمائينديون پر افسوس! صد ڪروڙ افسوس..! هاڻي قبر ۾ پهتاسين ته معلوم ٿيو ته  رياڪاري جو شڪار ٿئي ڪري سڄي محنت ته برباد ڪري ڇڏي، هاڻي اَعۡمَالنامي ۾ ته ڪا نيڪي ناهي بچي، رياڪاريون ئي رياڪاريون آهن، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! الله پاڪ بچائي...! پيارا