Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

(خُوشي) نصيب ٿئي، جيئن بيواھ جو سُٽ ۽ اهي ميوا جيڪي فُقراء جي هٿان واپس آيا هجن ڇوته اهڙي طرح جي چشم پوشي صدقي کان به وڌيڪ فضيلت رکي ٿي۔

(10)   قرض خواه جي تَقاضي کان پهريان ان جو قرض اَدا ڪري ڇڏي ۽ ان کي پاڻ وٽ سڏي ڪري ڏيڻ بدران ان وٽ وڃي موٽائي ڏي۔

(11)      دنيا جون بازارون، ان کي آخرت جي بازار کان نه روڪن ۽ آخرت جون بازارون مَسجِدون آهن ۔

(12)    بازارن ۾ گھڻو رهڻ جي ڪوشش نه ڪري ۔

(کيميائے سعادت، رکن دوم در معاملات، اصل سوم آداب کسب،۱/۳۲۶-۳۴۰، ملتقطاً)

مجھے مال و دولت کی آفت نے         گھیرا  بچا یااِلٰہی بچا یااِلٰہی

نہ دے جاہ و حشمت نہ دولت کی کثرت        گدائے مدینہ بنا یااِلٰہی

 (وسائلِ بخشش،ص۱۰۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

پيسو هجي، چاهي جھڙو هجي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل اهي مدني گُل حَقيقت ۾ رِزق جي برڪت ۽ مُلڪ و قوم جي ترقّي جا عظيم نسخا آهن۔ صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ۽ اَسلاف وبُزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی  عَمَلي زندگي جي هرميدان ۾ انهن خُوبين کي پنهنجي ڪردار جو حصّو بڻايو هو۔ انهن مُبارَڪ هستين جي نظر ۾ مَعاشي خُوشحالي جو مفهوم هرگز اهو نه هو جو مُلڪ و قوم کي چاهي ڪيترو ئي خَسارو ٿئي، مُسلمان ڀاءُ ڪيتري ئي مالي بدحالي جو شڪار ٿئي، پر منهنجا مالي حالات بهتر هئڻ گھرجن، منهنجي ذاتي