Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

پنهنجو (تِجارتي) سامان ڇڏيو ۽ نماز جي لاءِ بيهي رهيا۔ ان تي پاڻ
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  فرمايو ته انهن ماڻهن جي حق ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ آيت ”رِجَالٌ لَّا تُلْهيهمْ“ نازِل فرمائي آهي۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو غورڪيو ته اِسلام جو اڳوڻو دَور ڪيڏو نه خُوبصورت ۽ روشن هو هو جڏهن مُسلمان تَقويٰ وپرهيزگاري جا پيڪر هوندا هئا، اهي حضرات ڪسبِ حلال جي لاءِ واپار ته ڪندا هئا پر بَددِيانتي، ڪوڙ ۽ فريب وغيره کان پنهنجو پاڻ کي بچائي رکندا هئا، ان ڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به پنهنجن بُزرگانِ دين جي نَقشِ قدم تي هلندي شرعي اُصُولن جي مُطابِق واپار ڪيون۔ اچو! حديث شريف جي روشني ۾ هن ڳالھ جو جائزو وٺون ٿا ته اسلام جي نظر ۾ واپار جا ڪهڙا اصول آهن ۽ هڪ ڪامياب واپاري ۾ ڪهڙا ڪهڙ گُڻ هجڻ کپن؛

واپاري کي ڪهڙو هجڻ گھرجي؟

حضرت سيدُنا مُعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته ٻنهي جھان جي تاجور، سُلطانِ بحر و بر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: بيشڪ سڀ کان پاڪيزه ڪمائي انهن واپارين جي آهي جيڪي ڳالهائن ته ڪوڙ نه ڳالهائن، جڏهن انهن وٽ امانت رکي وڃي ته ان ۾ خيانت نه ڪن، جڏهن واعدو ڪن ته ان جي خلاف ورزي نه ڪن، جڏهن ڪا شيء خريد ڪن ته ان ۾ عيب نه ڪڍن، جڏهن وڪڻن ته ان جي اجائي واکاڻ نه ڪن، جڏهن انهن تي ڪنهن جو ڪجھ هجي ته ان جي ادائيگي ۾ سُستي نه ڪن ۽ جڏهن



[1]معجم کبیر،عبد الله بن مسعود…الخ، ۹/۲۲۲، حدیث:۹۰۷۹