Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

شيطان جي راھ ۾ آهي۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان پنهنجي والدين جي خدمت ۽ اولاد جي ڪفالت جي لاءِ ڊوڙ ڊُڪ ڪرڻ جي ڪيڏي نه اهميت آهي جو رسولِ ڪريم، رَؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي الله عَزَّ وَجَلَّ  جي راھ ۾ نڪرڻ وارو چيو۔ ياد رکو! سچائي، اِنصاف ۽ دِيانتداري سان حلال و حرام جو لحاظ رکندي واپار، مُلازمت، يا محنت مزدوري ڪرڻ وارا نه صرف الله عَزَّوَجَلَّ  کي محبوب آهن، بلڪ اهڙن جو حشر به اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ چڱن سان ٿيندو، ۽ انهن جي مَغفِرت ڪئي ويندي ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن انهن جي چهرن جي روشني چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي هوندي۔ اچو! ڪسب ۽ واپار ۽ ڪم ڪار جي فضيلت تي مُشتمل 4 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا ته جيئن واپار جي اَهميت وڌيڪ ظاهر ٿئي۔

ڪسب جي فضيلت تي مُشتمل 4 فرمانِ مُصطفٰي

1.      اَلتَّاجِرُ الصَّدُوْقُ الْاَمِينُ مَعَ النَّبِيينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّھَدَاء يعني سچا اَمانت دار واپاري اَنبياء،صِدّيقين ۽ شُهداء سان گڏ هوندا۔([2])

2.      اِنَّ اللهَ يحِبُّ الْمُؤْمِنَ الْمُحْتَرِفَ يعني الله عَزَّ وَجَلَّ پيشي وَر(ڪم ڪار ڪرڻ واري) مُومِن کي پسند فرمائي ٿو۔([3])

 



[1] معجم الاوسط،۵/۱۳۶،حديث:۶۸۳۵

[2]ترمذی،کتاب البيوع،باب ماجاء فی التجاروتسمية النبی اياھم،۳/۵،حديث:۱۲۱۳

[3]معجم الاوسط،۶/۳۲۷،حديث:۸۹۳۴