Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

ائين ته هر مسلمان کي خُوش اخلاق هئڻ گھرجي، پر واپاري لاءِ خُصُوصيت سان خُوش خلقي ضروري آهي، جڏهن ته بَد اخلاق ۽ بد مزاج شخص کان ماڻهو پاسو ڪندا آهن ۽ اهڙن وٽ جيڪو گراهڪ هڪ ڀيري ويندو آهي ته ٻيهر وڃڻ پسند ناهي ڪندو۔

دِيا نتداري:

واپاري جو نيڪ چلن، ديانتدار هئڻ به نهايت ضروري آهي، بَد چلن، بدمَعاش، حرام کائڻ وارو واپار ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي سگھي ٿو؟

جلد با ز يا اڻ واقف واپاري :

اهڙي طرح هڪ ڪامياب واپاري بڻجڻ جي لاءِ ضروري آهي ته جلد باز يا اڻ واقف (غير تجربيڪار) نه هجي ۔بعض واپاري دُڪان/ڪاروبار شروع ڪندي ئي لکا پَتي بڻجڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ٻه (2) ڏينهن وِڪرو (سيل) نه ٿئي يا ڪجھ نقصان ٿي وڃي ته هڪدم بد دل ٿي دُڪان/ڪاروبار ڇڏي ڏيندا آهن، ائين نه ڪرڻ گھرجي ۔

اجايو خر چ :

اڻ واقف واپاري معمولي ڪاروبار تي گھڻو خرچ وڌائي ڇڏيندا آهن، انهن جي ننڍڙي دڪان ايترو خرچ نٿي کڻي سگھي، آخرڪار ناڪام ٿيا ويندا آهن ۔ لهٰذا ائين نه ڪرڻ گھرجي، ۽ فُضُول خرچ ۽ اجايو اِسراف کان بچڻ نهايت ضروري آهي.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به الله  عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسول
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا جي مُطابق زندگي گذارڻ چاهيون ٿا ۽ هڪ