Share this link via
Personality Websites!
ائين ته هر مسلمان کي خُوش اخلاق هئڻ گھرجي، پر واپاري لاءِ خُصُوصيت سان خُوش خلقي ضروري آهي، جڏهن ته بَد اخلاق ۽ بد مزاج شخص کان ماڻهو پاسو ڪندا آهن ۽ اهڙن وٽ جيڪو گراهڪ هڪ ڀيري ويندو آهي ته ٻيهر وڃڻ پسند ناهي ڪندو۔
واپاري جو نيڪ چلن، ديانتدار هئڻ به نهايت ضروري آهي، بَد چلن، بدمَعاش، حرام کائڻ وارو واپار ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي سگھي ٿو؟
اهڙي طرح هڪ ڪامياب واپاري بڻجڻ جي لاءِ ضروري آهي ته جلد باز يا اڻ واقف (غير تجربيڪار) نه هجي ۔بعض واپاري دُڪان/ڪاروبار شروع ڪندي ئي لکا پَتي بڻجڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ٻه (2) ڏينهن وِڪرو (سيل) نه ٿئي يا ڪجھ نقصان ٿي وڃي ته هڪدم بد دل ٿي دُڪان/ڪاروبار ڇڏي ڏيندا آهن، ائين نه ڪرڻ گھرجي ۔
اڻ واقف واپاري معمولي ڪاروبار تي گھڻو خرچ وڌائي ڇڏيندا آهن، انهن جي ننڍڙي دڪان ايترو خرچ نٿي کڻي سگھي، آخرڪار ناڪام ٿيا ويندا آهن ۔ لهٰذا ائين نه ڪرڻ گھرجي، ۽ فُضُول خرچ ۽ اجايو اِسراف کان بچڻ نهايت ضروري آهي.
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسول
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا جي مُطابق زندگي گذارڻ چاهيون ٿا ۽ هڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami