Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ
 صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

ڪامياب تجارت جو راز!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِسلام جيئن ته مڪمل دِين آهي ۽ اِنساني زِندگي جي هر شُعبي تي هن جو حڪم نافذ آهي، ان ڪري اسلام جتي اسان کي عبادت جا طريقا ٻڌائي ٿو، اتي مُعاملات جي باري ۾ به رهنمائي فرمائي ٿو، ته جيئن زندگي جو ڪو شعبو به اڌورو نه رهي ۽ مسلمان ڪنهن عمل ۾ اسلام جي علاوه ڪنهن ٻي جو محتاج نه رهي، مال حاصل ڪرڻ جون ڪي صورتون جائز آهن ۽ ڪي ناجائز، حلال روزي ڪمائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته جائز ۽ ناجائز جو علم حاصل ڪري۔ جائز طريقن تي عمل ڪري ۽ ناجائز طريقن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري، اڄ جي بيان ۾’’ڪامياب واپاري‘‘ جي عنوان تحت ڪيئي مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ سڀ کان پهريان صحابِي رسول حضرت سَيدُنا زُبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي مبارڪ سيرت جي مهڪندڙ پهلوئن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا ۽ پوءِ واپار ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا فرمانِ عاليشان ٻڌي تربيت جا مدني گل چونڊڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔