Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جو اَسلاف )بزرگانِ دِين( مثال طور صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ يا اڳوڻا نيڪ انسان ذاتي معاملن ۽ ڪاروبار ۾سچائي، اَمانت، عدل واِنصاف، تقويٰ و پرهيزگاري، احسان ۽ ڀلائي، اِيثار و خير خواهي کي اپنائي اسلام جي عطا ڪيل ڪاروباري اُصولن تي قائم رهندا هئا، ان ڪري انهن جي مبارڪ دور ۾ مسلمان خُوشحال هئا، پر هاڻي ظُلم و نااِنصافي، ڪوڙ، ڌوڪو ۽ فريب، مَفاد پرستي، وياج خوري جهڙيون برائيون مسلمان جي ڪردار ۾ پيدا ٿي ويون آهن، سواءِ انهن کان جنهن کي الله عَزَّوَجَلَّ بچائي، طرح طرح جي خرابين جي ڪري هاڻي ڪاروباري حالتون چڱيون نه رهيون، جيڪڏهن اسان! قرآن و حديث جي بيان ڪيل اُصولن تي عمل ڪري رِزق حاصل ڪيون، اسلامي تجارت جا مُعاملات سِکون ۽ عمل ڪيون، واپار جي معاملن ۾ پنهنجي بزرگن جي پيروي ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ، اسلامي مُعاشري ۾ شاندار تبديلي ايندي ۽ مسلمان ٻيهر خوشحال ٿي ويندا ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته الله تعاليٰ ۽ ان جا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا و خُوشنودي به نصيب ٿيندي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مَعِيشت جو آغاز:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صَدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرتِ علّامه مولانا مُفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  بهارِشريعت ۾ ڪسب ۽ واپارجا مَقصَدِ بيان ڪيا آهن، اچو ! ان جو خُلاصو ٻڌون ٿا: انسانن جون ضرورتون جيتريون وڌيڪ آهن انهن کي حاصل ڪرڻ به ايترو ئي دشوار آهي جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي تمام ضرورتون پُوري ڪرڻ جي لاءِ اڪيلو