Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

جن کي الله  عَزَّ وَجَلَّ   جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ ئي جنت جي بشارت عنايت فرمائي، حضرت سَيدَتُنَا صفيه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جهڙي عظيم امڙ احساسِ ذميداري جو مُظاهره ڪندي پنهنجي لختِ جگر جي خوب مدني تربيت ڪئي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جا مبارڪ پيشا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪسبِ حلال نه صرف هڪ فضيلت لائق عمل آهي، بلڪ ڪئيي نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کان علاوه نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي به پياري پياري سُنَّت آهي، تنهنڪري ان کي سُنَّت سمجھي اِختيار ڪرڻ گھرجي۔ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام ڪسب جي لاءِ مختلف پيشا اختيار ڪيا۔ مُفْتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پهريان ڪپڙا اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا پوءِ وري ٻني ٻارو ڪرڻ لڳا، حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪاٺ واري پيشي، حضرت اِدرِيس عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم دَرزي، حضرت هود و صالح عَـلَيْـهِمَا الـسَّـلاَم واپار، حضرت اِبراهيم و لُوط عَـلَيْـهِمَا الـسَّـلاَم ٻني ٻارو ۽ حضرت شُعَيب عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جانور پاليندا هئا۔ اهڙي طرح حضرت مُوسيٰ ڪَلِيۡمُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ٻڪريون چاريندا هئا، حضرت داؤد عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم زِرَه (جنگ ۾ استعمال ٿيڻ وارو لوهي ڄارين وارو لباس) ٺاهيندا هئا، حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سڄي دُنيا جا بادشاھ هئڻ جي باوُجُود پکا ۽ کجي جي ڦڙهن جون ٽوڪريون ٺاهيندا هئا، ۽ اسان جي پياري آقا سيدُ الاَنبياء احمدِ مُجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واپار کي پنهنجي