Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

قرآن پاڪ جي ادب جي حوالي نسبت سان مختلف مدني گل

{۱} قرآن مجيد کي ٿيلهي يا بُجڪي ۾ رکڻ ادب آهي۔ صحابه ۽ تابعين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجۡمَعِين جي زماني ۾ انهيءَ جي مٿان مسلمانن جو عمل هو۔ (بهارِ شريعت ج۳ص۴۹۶) {۲} قرآن شريف جي آداب ۾ هي به آهي ته ان جي طرف پُٺ نه ڪئي وڃي، نه پير ڪيا وڃن، نه پيرن کي قرآن کان مٿي ڪيو وڃي، نه هي ته پاڻ مٿانهين جاءِ تي هجو ۽ قرآن مجيد هيٺ هجي۔ (اَيضاً)
{۳} بي خيالي ۾ قرآن شريف جيڪڏهن هٿن مان ڇُٽي يا طاق وغيره مان زمين تي تشريف فرما (يعني ڪِري) ته نه گناهه آهي نه ئي ڪو ڪفارو۔ {۴} گستاخي جي نيّت سان ڪنهن مَعَاذَ اللّٰہ عَزَّوَجَلَّ قرآن پاڪ زمين تي اُڇلايو يا توهين جي نيّت سان ان تي پير رکيو ته ڪافر ٿي ويو۔ {۵} جيڪڏهن قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي يا ان تي هٿ رکي حلف يا قسم جا لفظ چئي ڪا ڳالهه ڪيائين ته هي تمام ”سخت قسم“ ٿيو ۽ جيڪڏهن حلف يا قسم جا لفظ نه ڳالهايائين ته صرف قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي يا ان تي هٿ رکي ڳالهه ڪرڻ نه قسم آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو ڪفارو آهي۔  (فتاوٰي رضويه مُخَرَّجه ۱۳/ ۵۷۴ ۔ ۵۷۵ مُلَخَّصًا ) {۶} جيڪڏهن مسجد ۾ ڪيترائي قرآن پاڪ جمع ٿي وڃن ۽ سڀئي استعمال ۾ نٿا اچن، پيا پيا پراڻا ٿي رهيا آهن تڏهن به انهن کي وڪڻي ان جي قيمت مسجد ۾ نٿا لڳائي سگهو، البت اهڙي صورت ۾ قرآن پاڪ ٻين مسجدن ۽ مدرسن ۾ رکڻ جي لاءِ تقسيم ڪري سگهجن ٿا۔ (فتاوٰي رضويه مُخَرَّجه ۱۶/ ۱۶۴مُلخَّصًا) {۷} جيڪڏهن قرآن شريف پراڻو ٿي ويو، ۽ ان قابل نه رهيو ته ان جي تلاوت ڪئي وڃي ۽ اهو ڊپ آهي ته اِن جا پنا پکڙجي ضايع ٿي ويندا ته ڪنهن پاڪ ڪپڙي ۾ ويڙهي احتياط واري جاءِ تي دفن ڪيو وڃي ۽ دفن ڪرڻ ۾ ان جي لاءِ لحد بنائي وڃي (يعني کڏ کوٽي قبلي واري پاسي ديوار کي ايترو کوٽيو جو سڀئي مقدَّس اوراق سمائجي وڃن) ته جيئن ان تي مٽي نه