Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

بهترين ۽ با شرع مُسلمان بڻجڻ چاهيون ٿا، ته دعوتِ اسلامي جي مَدني ماحول سان هر دَم وابسته رهو، عاشِقانِ رَسول سان گڏ مَدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو مَعمُول بڻايو، اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ  ٻنهي جھان ۾ سُڪون ۽ چين نصيب ٿيندو۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ دعوتِ اسلامي دينِ مَتين جي تَروِيج واِشاعت جي لاءِ گھڻن ئي شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شُعبَو "مجلسِ تاجِران " به آهي ۔

مجلس تاجران

اسلام پنهنجي مڃڻ وارن کي واپار جا بلڪل واضِح اُصُول عطا ڪيا آهن، پر بدقسمتي سان علم کان دُوري ۽ دُنيا جي پُر فريب روشنين اڄ جي مسلمان کي انهن سنهري اُصُولن تي عمل کان پري ڪري ڇڏيو آهي۔ ضرورت هن ڳالھ جي هئي ته ڪو انهن واپارين ۾ اسلام جي حقيقي رُوح پيدا ڪري۔ انهيءَ ڪري تبليغِ قرآن و سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هڪ شُعبو بنام ”مجلس تاجران“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو ڪم واپار واري شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي واپار جي باري ۾ اسلامي تعليمات سان رُوشناس ڪرائڻ، انهن ۾ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي هن مدَني مَقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي، اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ جي مُطابق زندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻو آهي۔

هن مدني مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ بازارن ۾ مَدَني ماحول بڻائڻ