Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

الله عَزَّ وَجَلَّ  سپپاري 5 سورة النساء جي آيت نمبر 29 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَأْكُلُوا أَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ إِلَّا أَنْ تَكُونَ تِجَارَةً عَنْ تَرَاضٍ مِنْكُمْ   (پ۵،النساء:۲۹)

ترجموڪنزالايمان؛ اي اِيمان وارؤ پاڻ ۾ هِڪ ٻِئي جو مال ناحق نه کائو، مگر هِئَ ته ڪو سؤدو توهان جو هِڪٻِئي جِي رضامندِي سان هُجي.

امام احمد بن حجر مڪي هيتمي شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن آيت سڳوري ۾ الله  عَزَّوَجَلَّ واضح فرمائي ڇڏيو ته واپار انهيء صُورت ۾ جائز ٿي سگھي ٿو، جڏهن ٻنهي ڌرين جي رِضامَندي سان ٿئي ۽ رِضامَندي تڏهن ئي حاصل ٿي سگھندي جڏهن اتي نه ته ملاوٽ هجي ۽ نه ئي ڪو ڌوڪو، ان ڪري جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا، پنهنجي دِين ۽ دُنيا و آخرت جي سلامتي، ۽ مُرُوَّت ۽ عزّت چاهي ٿو ته ان کي کپي ته پنهنجي دِين جي لاءِ ڪوشش ڪري ان ڌوڪي ۽ ملاوٽ واري ڪاروبار مان ڪا شيء اختيار نه ڪري ۔ (الزواجر عن اقتراف الکبائر ،ج ۱،ص۵۲۰)

اے ملاوٹ کرنے والے مان جا          خوف کر بھائی  عذابِ نار کا

چھوڑ دو اے تاجرو! کم تولنا           جُھوٹ چھوڑو بیچنے میں بولنا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حلال ڪمائي جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جائز طريقن سان ڪمائڻ ۽ واپار ڪرڻ جي ذريعي پنهنجي ماء پيء، ڀيڻ ڀاء ۽ ٻارن ٻچن وغيره جي لاءِ رِزقِ حلال جو حُصُول ۽ ان جي طلب انساني ضرورت آهي ۽ قرآنِ شريف ۾ ڪيئي هنڌن تي حلال رِزق حاصِل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏياريو ويو آهي، بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ ان کي پنهنجو فضل چيو آهي ۽ ان جي تلاش ۽ جستجو جاري