Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

جي لاءِ مسجد يا ڪنهن به مُناسِب مَقام تي مَدَني مرڪز جي ڏنل طريقِ ڪار جي مُطابِق مدني درس يعني (فيضانِ سُنَّت ۽ اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي ٻين رسالن مان درس) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔

اللہکرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں        اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مَچی ہو!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تجارت جا آداب:

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح ڪامياب واپاري جي لاءِ تِجارت (واپار) جا وڌيڪ اُصُول وآداب سان واقف ٿيڻ به نهايت ضروري آهي، انهن مان اڪثر آداب اهڙا آهن جنهن تي عمل ڪرڻ هر واپاري جي لاءِ شرعًا لازِم پڻ آهن۔ تنهنڪري اچو! مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل تفسير صِراطُ الجنان جلد 2 صفحي 184 تان واپار جا وڌيڪ ڪي آداب ٻڌون ٿا ته جيئن واپار ۾ ڪنهن قسم جي شرعي غلطي ڪري الله  عَزَّ وَجَلَّ جي ناراضگي ۽ خَير و برڪت سان محرومي جو شڪار نه ٿي وڃون ۔

(1) واپاري کي گھرجي ته اهو روزانو صبح جي وَقت چڱي اِرادي يعني نيتيون دل ۾ تازه ڪري ته بازار ان ڪري وڃان ٿو ته جيئن حلال ڪمائي سان پنهنجي اهل وعيال جو گذر سفر ڪندس ۽ اهي مخلوق کان بي نياز ٿي ويندا ۽ مون کي ايتري وانڌڪائي ملي وڃي جو مان الله عَزَّ وَجَلَّ جي بندگي ڪندو رهان ۽ آخرت جي راھ تي گامزن رهان۔ ۽ پڻ نِيت ڪري ته مان مخلوق سان شَفْقَت، خُلُوص ۽ اَمانت داري ڪندس، نيڪي جو حڪم ڏيندس، بُرائي کان منع ڪندس ۽ خِيانت ڪرڻ واري کان باز پُرس ڪندس۔