Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

بيان جو خُلاصَو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان هڪ ڪامياب واپاري حضرت سَيدُنازُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ذِڪرِ خير ٻڌو، اڄ اسان ٻڌو ته ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو سٺين سٺين نيتن سان واپار ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو حلال ۽ جائز طريقن سان واپار ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو واپار جا شرعي اسلامي اُصول سکي ۽ اُن تي عمل ڪري۔ ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو پنهنجي ننڍن ٻارن، پوڙهن والدين جي لاءِ واپار ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو ڪوڙو نه بلڪو سچو هجي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو اَمانت دارهجي، خائن نه هجي، ڪامياب واپاري  اهو آهي جنهن جي واپار ان کي نماز،روزي، حج و زڪوٰۃ وغيره جي اَدائيگي کان نه روڪي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو جائز واپار، جائز طريقن سان ڪري، ڪامياب واپاري  اهو آهي جيڪو واعدو پورو ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو سامان خريد ڪندي وقت ان ۾ هروڀرو عيب نه ڪڍي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو وڪڻڻ وقت مال جي اجائي واکاڻ نه ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو ادائيگي ۾ سُستي نه ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جو چُست هجي، سُست نه هجي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو خوش اَخلاق هجي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو جلد باز نه هجي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو مال وڪڻڻ مهل پنهنجي مال جا عيب خود ظاهر ڪري ڇڏي، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو ناپ تور ۾ ڪمي نه ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو نيڪي جو حڪم ڏئي ۽ بُرائي کان منع ڪري، ڪامياب واپاري اهو آهي جيڪو جعلي نوٽ نه وٺي، نه جعلي نوٽ ڏئي، جيڪڏهن ڪو ان کي ڏئي وڃي ته جعلي نوٽ کي ڦاري اڇلائي ڇڏي، ڪامياب واپاري  اهو آهي جيڪو غريبن جو مال وڌيڪ.