Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

رکڻ جي ترغيب ۽ ان جو حڪم پڻ ارشاد فرمايو آهي، جيئن سيپاري 30 سُوْرَۃُ النَّبَا جي آيت 11۾ ارشاد آهي:

وَجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ اسان ڏينهن کي  روزگار  جي لاءِ بنايو۔

 هڪ ٻئي هنڌ تي ارشاد فرمايو:

فَانۡتَشِرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ ابۡتَغُوۡا مِنۡ فَضۡلِ اللہِ (پ۲۸،الجمعة:۱۰)

ترجموڪنزالايمان؛ ته زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جو فضل تلاش ڪريو.

روزگار جي جستجو جي عظمت.

حضرتِ سَيدُنا ڪَعب بن عُجره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته سرورِ عالَم، نُورِ مُجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڏينهن صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ سان گڏ تشريف فرما هئا۔ايتري ۾ هڪ نوجوان ويجھو کان گذريو، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ  هڪ طاقتور ۽ مَضبُوط جسم واري نوجوان کي ڏٺو ته چيو؛ ڪاش! هن جي جواني ۽ طاقت الله  عَزَّ وَجَلَّ جي راھ ۾ خرچ ٿئي ها۔ هن تي رَحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: (1) جيڪڏهن اهو شخص پنهنجي ننڍن ٻارن جي لاءِ رِزق جي ڳولها ۾ نڪتو آهي ته اهو الله عَزَّ وَجَلَّ ئي جي راھ ۾ آهي (2) ۽ جيڪڏهن يه شخص پنهنجي پوڙهن والدين جي لاءِ رِزق جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته به هي الله عَزَّ وَجَلَّ جي راھ ۾ آهي(3) ۽ جيڪڏهن اهو پاڻ کي (ماڻهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ يا حرام کائڻ يا) بچائڻ جي لاءِ رِزق جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته به هي الله  عَزَّ وَجَلَّ کي راھ ۾ آهي (4) البت جيڪڏهن اهو ڏيکاء ۽ تَفاخُر (فخر، وڏائي) جي لاءِ نڪتو آهي ته اهو