Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

سان نوازيندو آهي، هن مان چڱي طرح سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسان جي بزرگن جي واپار جو انداز ۽ روزگار جو انداز ڪيڏو نه بهترين هو.

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ديانت داري

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ائين ته هر اعتبار سان پنهنجو مٽ پاڻ هئا، پر خاص ڪري واپار ۾ اوهان جي تقوي ۽ پرهيزگاري ٻين ماڻهن جي لاءِ پيروي لائق ۽ رشڪ جو سبب آهي۔

هن مهيني مُبارڪ جُمَادَي الاُخريٰ ۾حضرت سَيدُنا زُبير بن عوّام
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو وصال ٿيو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عرس جي مناسبت سان سندن ذڪرِ خير به ٻڌانداسين، اوهان جيئن ته هڪ دِيانت دار ۽ ڪامياب واپاري به هئا، تجارت (واپار) جي حوالي سان الله تعاليٰ اوهان کي ڪهڙين خوبين سان نوازيو هو اهو ٻڌڻ جي به سعادت حاصل ڪنداسين۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نهايت ديانت دار هئا ۔اَمِيرُ الْمُوْمِنِين  حضرتِ سيدُنا عُثمانِ غني، سيدُنا مقداد، سيدُنا عبدُالرَّحمٰن بن عوف ۽ سيدُنا عبدُ الله اِبنِ مسعود سميت ٻين ست (7) جليلُ القدر صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ حضرتِ سيدُنا زُبَير بِن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي امانت ۽ ديانت جي ڪري انهن کي پنهنجي مال جو والي (يعني نگهبان) مُقَرَّر ڪيو۔ پوءِ حضرتِ سيدُنا زُبَير بِن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڏي دِيانتداري سان انهن جي مال جي حفاظت ڪئي ۽ انهن جي اَولاد تي پنهنجي ڪمائي مان خرچ ڪندا هئا۔

(تاريخ مدينه دمشق، حضرت زبير بن عوّام ، ج۱۸، ص۳۹۷)