Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

ذات ِ بابرڪت سان شَرَف بخشيو هو۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم هوا ٿيو ته حلال رزق حاصل ڪرڻ جي لاءِ اَنبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام به صَنعَت و تِجارت کي اِختيار ڪيو، هن ڳالھ ۾ ته ڪنهن شڪ شبهي جي گُنجائش ئي ناهي ته اَنبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام هر قسم جي بُرائين ۽ گُناهن کان پاڪ هوندا آهن، جيڪڏهن ڪسب و واپار ۾ بُرائين جو اِرتڪاب ضروري هجي ها يا هن ۾ بذاتِ خُود ڪو خرابي هجي ها ته اَنبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام هرگز هرگز ان کي اختيار نه ڪن ها، حقيقت اها آهي ته خرابيون ۽ بدعُنوانيون ڪاروبار ۾ نه بلڪ اسان جي پاڻ جي ڪردار ۾ موجود آهن، جنهن جي روڪ ٿام جي لاءِ شَريعت جائز و ناجائز ۽ حلال وحَرام جا پيمانا مُقَرَّر ڪيا آهن، ته جيئن ڪو مُسلمان ظُلم جو شڪار نه ٿئي ۽ نه ئي ڪنهن جي حق تَلَفي ٿئي، لهٰذا جيڪي ماڻهو انهن احڪامن تي عمل ڪندا آهن اهي دُنيا و آخرت ۾ به ڪامياب ٿيندا آهن ۽ جيڪي انهن اَحڪامن جو ڌيان نه ڪندي حرام و حلال جي تميز ڇڏي نَفس جي خواهشن تي عمل ڪندا آهن، اهي دُنيا و آخرت ۾ ناڪام ٿيندا آهن.

ڪهڙو پيشو افضل آهي؟

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مُفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڪتاب اِسلامي زِندگي ۾ لکن ٿا: بيڪار ويٺو رهڻ وڏو جُرم آهي ۽ ناجائز پيشو (اختيار) ڪرڻ ان کان به وڏو جُرم، رَبّ تعاليٰ هٿ پير وغيره ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏنا آهن، بيڪار ويهڻ جي لاءِ نه۔ اهڙي طرح بي مُروَّتي وارا پيشا مڪروه آهن، جيئن ضرورت جي وَقت اناج ذخيرو ڪرڻ، حرام شين



[1]مراٰةالمناجیح،۴/۲۲۸، ملخصاً