Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واپار ۽ ڪاروبار ڪرڻ وارا ۽ اسان سڀ به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي عملي طور تي مختلف مدني ڪمن ۾ پنهنجي پاڻ کي مصروف رکون، ته جيئن پاڻ به نيڪين ڀري زندگي گذاري سگھون ۽ ٻين تائين به نيڪي جي دعوت پهچائڻ جي سعادت حاصل ٿيندي رهي، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان خبر ناهي ڪيترن جي زندگين ۾ مدني اِنقلاب اچي چڪو آهي، اچو! هاڻي هڪ ڪرڪيٽ جي شوقين جي مدني بهار ٻڌون ٿا ته اهو ڪهڙي طرح دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو ۽ ان کي وابسته ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿيون،

دوستن جي انفرادي کوشش

بابُ المدينه (ڪراچي) بلديه ٽاؤن جي رهائشي مدني اسلامي ڀائر جي بيان جو خلاصو آهي ته منهنجي زندگي جا ڏينهن رات فاني دنيا جي لذتن ۾ ڪٽجي رهيا هئا، ڪرڪيٽ جو شوقين هئس، فاني دنيا جي حقيقت مون تي ڪجھ ائين ظاهر ٿي، 1996 جي ڳالھ آهي منهنجا ڪي دوست جيڪي مون سان گڏ کيڏندا هئا انهن کي مدني ماحول ملي ويو، فيضانِ دعوت اسلامي سان انهن جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ واضح فرق اچڻ لڳو، راند روند کان پاسو ڪري مدني ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳا، جتي اهي پاڻ نمازن جا پابند بڻجي چڪا هئا اتي انهن مون تي به انفرادي ڪوشش ڪندي پاڻ سان گڏ مسجد ۾ وٺي ويندا هئا ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، هڪ ڏينهن انهن سان گڏ نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ مسجد ۾ وڃڻ ٿيو ته نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ انهن مونکي چوڪ درس ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، پوءِ مون انڪار ڪرڻ مُناسِب نه سمجھيو ۽ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، مسجد