Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

کان ٻاهر هڪ با رُونق جڳھ تي چوڪ درس جي ترڪيب ڪئي وئي، هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي چوڪ درس ڏنو، جيڪو ٻڌي ڏاڍو وڻيو، دوستن جو نيڪي جي دعوت جو جذبو ڏسي تمام گھڻو متاثر ٿيس، مون پنهنجي دل ۾ هڪ عجيب ڪيفيت محسوس ڪئي، چوڪ درس جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي محبت دل ۾ رچي وئي ۽ مان انهيء ماحول جو اسير بڻجي ويس، اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ اهي اکر لکڻ مهل تائين رڪنِ ڪابينه هئڻ جي حيثيت سان سنّتن جي خدمت ڪري رهيو آهيان۔

اسی ماحول نے ادنی کو اعلی کر دیا دیکھو        اندھیر ا ہی اندھیرا تھا اجالا کر دیا دیکھو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! ڪامياب واپاري جا ڪي اَوصاف ٻڌون ٿا ۽ جيڪي اسلامي ڀائر واپار جي شُعبي سان وابسته آهن، خاص ڪري اهي انهن کي اپنائڻ جي نيت به ڪندا وڃن۔

محنت:

 ياد رکو! دُنيا ۾ ڪو به ڪم بغير محنت جي ناهي ٿيندو، پر واپار ۾ سخت محنت، چُستي ۽ هوشياري ضروري آهي، ڪاهل سُست ماڻهو ڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگھي۔ چوڻي مشهور آهي ته بنا محنت جي ته گرھ به وات ۾ ناهي ويندو، واپاري چاهي ڪيترو به وڏو ماڻهو بڻجي وڃي، پر سمورا ڪم نوڪرن ته نه ڇڏي، بعض ڪم پاڻ به ڪندو رهي۔

خُوش اَخلاقي:

واپاري جي لاءِ هڪ اَهم صفت حُسنِ اخلاق جو پيڪر هئڻ به آهي،