Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

جو ڪاروبار حرام آهي، جيئن ڳائڻ وڄائڻ، نچڻ، ڪُڪڙ وڙهائڻ، بٽير وڙهائڻ وغيره، ڪوڙين شاهدين جا پيشا ائين شراب جو واپار ڇو ته شراب، وڪڻڻ، وڪڻائڻ، خريدڻ، خريدائڻ ،وغيره۔ (اسلامي زندگي،ص۱۴۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

واپار ۽ صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جو مَعمُول

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي مُبارڪ سيرتـن تي نظر وجھون تي هر پاسي تَقويٰ وپرهيزگاري ۽ رضاءِ الٰهي جي طَلبِ جون مدني بهارون نظر اينديون آهن جيئن

حضرت سَيدُنا قتاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  فرمائن ٿا ته صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ واپار ته ڪندا هئا پر جڏهن انهن کي حُقُوقُ الله مان ڪو حق پيش ايندو هو ته واپار ۽ خريدو فروخت انهن کي ذِڪرُ الله کان نه روڪيندي هئي، ايستائين جو اهي انهيء حق کي ادا ڪري وٺندا هئا. ([1]) صحابَه ڪرام
عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ  جي هن طرزِ عمل کي بيان ڪندي، الله عَزَّوَجَلَّ  پنهنجي پاڪ ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

رِجَالٌ لَا تُلْهِيهِمْ تِجَارَةٌ وَلَا بَيْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ وَإِقَامِ الصَّلَاةِ وَإِيتَاءِ الزَّكَاةِ

 (پ۱۸، النور:۳۷)

ترجَموڪنزالايمان: اهي مرد جن کي غافل ناهي ڪندو ڪو سودو ۽ نه خريد و فروخت الله جي ياد ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان.

حضرت ابنِ مَسعُود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڏٺو ته بازار وارن اَذان ٻڌندي ئي



[1]بخاری،کتاب البیوع، بابو اذا راوا تجارة الخ،۲/۹، تحت الباب :۱۱