Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ شيخِ طريقت ،اميرِاَهلسُنَّت
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي هڪ مَدَني مَقصَد عطا فرمايو آهي ته "’’مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي،
اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ، تنهنڪري پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃو۔ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم چوڪ درس ڏيڻ پڻ آهي، چوڪ درس جي برڪت سان نه صرف نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب ملندو آهي، بلڪ علمِ دين حاصل ڪرڻ جو موقعو به ملندو آهي ۽ علمِ دِين حاصل ڪرڻ جون کوڙ ساريون برڪتون آهن، حديث شريف ۾ علم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڦهلائڻ واري کي سخي چيو ويو آهي، جيئن

 حضرتِ سيدنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر، ٻنهي جھانن جي تاجوَر، سلطانِ بَحرو بَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ ''ڇا مان توهان کي وڌيڪ جُودوڪرم واري جي باري ۾خبر نه ڏيان؟'' (پوءِ فرمايائون): ''الله  عَزَّوَجَلَّ سڀ کان وڌيڪ جُودوڪرم وارو آهي ۽ مان اَولادِ آدم ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي آهيان ۽ مون کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سخي اهو شخص آهي، جيڪو علم حاصل ڪري، پوءِ ان علم کي ڦهلائي، ان کي قيامت جي ڏينهن هڪ اُمّت جي طور تي اٿاريو ويندو ۽ ٻيو اهو شخص آهي جيڪو الله  عَزَّ وَجَلَّ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏي ايستائين جو ان کي شهيد ڪيو وڃي.

(ابويعلي ، مسند انس بن مالک ، رقم ۲۷۸۲ ، ج ۳ ، ص ۱۶)