Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

سيدنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو تَعَارُف:

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 346 صَفحن تي مشتمل ڪتاب، ”ڪراماتِ صحابه“ صَفحي 120 تي شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو تعارف ڪجھ ائين ڪن ٿا ته هي حضورِ اڪرم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پڦي حضرت صفيه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا فرزند آهن۔ ان ڪري اهي رشتي ۾ شهنشاھ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا  پُـڦاٽ ۽ حضرت سيده خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا ڀائيٽا ۽ حضرت ابو بڪرصديق  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا نياڻا آهن۔ اهي به عشره مُبَشره يعني انهن ڏهن خوش نصيب صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم مان آهن جنن کي حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنّتي هجڻ جي خوشخبري ٻڌائي۔ (کراماتِ صحابه ص۱۲۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حضرت سَيدُنا زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان هڪ ڀيري سندن جي ڪامياب تاجر (يعني واپاري) هئڻ جو راز پڇيو ويو، ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو ته مون ڪڏهن ڏسڻ بنا ڪا شيء خريد نه ڪئي ۽ گھٽ نفعي (فائدي) کي ڪڏهن به رد نه ڪيو، (نه ڇڏيو) ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جنهن کي چاهي، برڪت سان نوازيندو آهي۔ (الاستيعاب،باب۸۱۱،ج۲،ص۹۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته جڏهن حضرت سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان واپار ۾ سندن ڪاميابي جو راز پڇيو ويو ته پاڻ ڪيڏا نه پيارا مدني گل ارشاد فرمايا، ۽ پوءِ آخر ۾ اهو به ارشاد فرمايو ته هن ۾ منهنجو ڪو ڪمال ناهي، بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ جنهن کي چاهي برڪت