Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

ملڪيت ودولت ۾ اِضافو هئڻ گھرجي. جائز و ناجائز ڪنهن به طريقي سان ٻين مُسلمانن کي ڪنگال ڪري انهن جي مال کي پنهنجي جائداد جو سَنگِ بُنياد قرار ڏيڻ، انهن جي دل ڪڏهن به گوارا نه ڪيو، ڇوته اهي نُفُوسِ قُدسيه اڄ جي واپارين جيان ’’پيسا هجن، چاهي جھڙا به هجن‘‘ جا قائل نه هئا، بلڪ اهي ته پنهنجن مُسلمان ڀائرن جا حقيقي خير خواه هوندا هئا ۽ انهن جي نُقصان کي پنهنجو نُقصان سمجھندا هئا، تنهنڪري اسان کي به واپار ڪرڻ وقت اَسلاف جي طرزِ عمل ۽ پياري آقا، مديني واري مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن کي پيشِ نظر رکندي پنهنجي اندر تمام مسلمانن جي خَيرخواهي جو جذبو بيدار ڪرڻ گھرجي۔

میرا دل پاک ہو سرکاردُنیا کی مَحَبَّت سے           مجھے ہوجائے نفرت کاش آقا مال ودولت سے

 (وسائل بخشش،ص۴۰۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واپار جي باري ۾وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المَدينه جو شايع ٿيل 68 صفحن تي مُشتمل رسالو’’اَسلاف کا اندازِتجارت‘‘ جو مُطالَعه فرمايو، هن رِسالي کي دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان مفت ۾ پڙهي سگھجي ٿو، ڊائون لوڊ (Download) ۽ پرنٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو. اَلحَمدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ  دعوتِ اسلامي جي 100 سيڪڙو اسلامي چينل، مدني چينل تي ’’احڪام تجارت‘‘ جو سلسلو نشر ٿيندو آهي، تجارت (واپار) جا شرعي اَحڪام سکڻ جي لاءِ اهو به هڪ بهترين سلسلو آهي، ان کي ڏسڻ سان به اسلامي تجارتي اُصول سکي ويندو۔  اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ