Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
ڏينداسين، تهڙو ئي اجر ماڻينداسين، ڇوته دنيا آخرت جي پوکَ آهي، جيڪو پوکينداسين، اهو ئي لڻنداسين. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي خدمت ۾ رهڻ واري شخص کي ٽي ڳالهيون ارشاد فرمايون: (1): پهرين اها ته تقدير مال واپس وٺڻ ۾ ڪنهن جو به لحاظ نه ڪندي آهي.
واقعي ائين آهي ته تقدير جڏهن چاهيندي آهي ته وڏي فراخ دليءَ سان ڪنهن جو به مال کَسي ڇڏيندي آهي ۽ ائين ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جون ڪروڙين، اربين رپين جون ڪمپنيون ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي. تقدير نه امير ۽ غريب جو لحاظ ڪندي آهي ۽ نه ئي موقعو ۽ محل ڏسندي آهي، اها پنهنجو پورو پورو حصو وٺندي آهي. تقدير جڏهن غالب ايندي آهي ته کلندڙ ڪُڏندڙ نوجوان هڪ گَهڙِيءَ ۾ موت جو شڪار ٿي ويندو آهي.
حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي خدمت ۾ رهڻ واري شخص کي ٻي ڳالهه اها ارشاد فرمائي ته تنهنجي مال جا ٻيا حصيدار تنهنجا وارث آهن، جيڪي تنهنجي مرڻ جا منتظر هوندا آهن ته تون ڪڏهن ٿو مرين ۽ هو تنهنجي مال تي قبضو ڪري و ٺن.
واقعي اڄڪلهه اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته وارثن کي انتظار هوندو آهي ته جيئن ئي پوڙها والدين دم ڏين، اسان انهن جي مال ۽ اسباب تي قبضو ڪري وٺون. ٻانهو سڄي زندگي مال گڏ ڪندو رهندو آهي، پر کيس خبر نه هوندي آهي ته سندس انتقال کان پوءِ وارث ان جي مال سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا؟ ڪڏهن ڪڏهن ته وارث ميت جي مال مان ناجائز ڪاروبار به شروع ڪري ڇڏيندا آهن.