Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

۾   ڏيڻ جي لاءِ چوان   ته   توکي  سڀ   کان   بهترين    شيءِ    ڏيڻي   پوندي. هن ان شرط کي قبول ڪيو ۽ سندن خدمت ۾ رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن ڪنهن حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي عرض ڪيو ته هتي نديءَ جي ڪناري تي ڪجهه غريب ماڻهو آباد آهن، جيڪڏهن ممڪن هجي ته اوهان انهن جي مدد ڪريو. پاڻ قبيلي بنو سليم جي ان شخص کي سڏيائون، جيڪو سندن خدمت ۾ رهندو هو ۽ کيس فرمايائون: هڪ اُٺُ ڪاهي اچ. هو اُٺَن واري جاءِ تي پهتو ۽ انهن مان سڀني کان بهترين اُٺ چونڊيائين، پر پوءِ سوچيائين ته هي اٺ ته حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي سواري لاءِ به ڪم ايندو آهي ۽ فرمانبردار به  آهي. مقصد ته صرف گوشت ورهائڻ ئي آهي، تنهنڪري ان جي بدران ٻئي نمبر تي بهترين ڏاچي ڪاهي اچي پيش ڪيائين. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جڏهن اها ڏاچي ڏٺي ته ان شخص کي فرمايائون: توهان  خيانت   ڪئي   آهي. هو فوراً سمجهي ويا ۽ انهيءَ اٺ کي، جيڪو سڀني کان بهترين هو، ذبح ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيائين. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان کي ارشاد فرمايو: نديءَ جي ڪناري تي جيترا به گهر آباد آهن، انهن سڀني جي ڳڻپ ڪر ۽ منهنجو گهر به انهن ۾ شامل ڪر، پوءِ اٺ کي ذبح ڪري سڀني گهرن ۾ هڪ جيترو گوشت پهچاءِ ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکجانءِ ته منهنجي گهر به اوترو ئي گوشت وڃي ٻين جي مقابلي ۾ هڪ ٻُوٽِي به وڌيڪ نه وڃي،.

جڏهن اُٺ جو گوشت ورهائجي چڪو ته حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان شخص کي پاڻ وٽِ گهرايو ۽ پڇيائون: تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ الله پاڪ جي راهه ۾ عمدو مال خرچ ڪرڻ جي جيڪا شرط طئي ٿي هئي، ڇا تون ان کي وساري ويٺو هئين؟ هن عرض ڪيو: حضور! مون وساريو نه هو، مون کي ياد هو ۽ مون پهريان ان ئي بهترين اٺ کي چونڊيو هو، پر پوءِ سوچيم ته هي اوهان جي سواري جو آهي ۽ تمام ڪارآمد به آهي، تنهنڪري صرف اوهان جي ضرورت خاطر ان کي ڇڏي ڏنم. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کانئس پڇا ڪئي: ڇا واقعي تو صرف منهنجي ضرورت جي خاطر ان اٺ کي ڇڏي ڏنو هو؟ عرض ڪيائين: جي ها حضور! فقط اوهان جي ضرورت جي خاطر اُن اٺ کي ڇڏي ڏنو هو، ان