Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
۾ ذريعو بڻجي وڃون، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي وڃون، ترغيب ڏيڻ وارا بڻجي وڃون، هن نيڪيءَ جي ڪم ۾ حصو ملائڻ وارا بڻجي وڃون ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! اسان به ثواب جا حقدار بڻجي وينداسين. لهٰذا اهو ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته نيڪيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي، ان ۾ حصو ضرور شامل ڪرڻو آهي.
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمايو آهي:
وَ تَعَاوَنُوْا عَلَى الْبِرِّ وَ التَّقْوٰى ۪-وَ لَا تَعَاوَنُوْا عَلَى الْاِثْمِ وَ الْعُدْوَانِ۪- (پارو: 6، سورة مائدة: 2)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ تي هڪ ٻئي جي مدد ڪريو ۽ گناهه ۽ زيادتيءَ تي هڪ ٻئي جي مدد نه ڪريو.
حضرت سفيان بن عُيَيۡنَه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: نيڪيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ جون مختلف صورتون آهن: (1): توهان پاڻ نيڪيءَ جو ڪم ڪريو (اها به نيڪيءَ تي مدد آهي جو اوهان کي ڏسي، ڪيترن کي اهو ڪم ڪرڻ جي ترغيب ملي ويندي) (2): اوهان نيڪيءَ جي دعوت ڏيو، اها به نيڪيءَ تي مدد آهي. (3): ڪو نيڪي ڪري رهيو آهي، توهان ان جا مددگار بڻجي وڃو (4): صرف نيڪي ڪرڻ جو رستو ئي ٻڌايو.([1])
اهي سڀ نيڪيءَ تي مدد ڪرڻ جون صورتون آهن. انهن مان ڪهڙي به صورت اختيار ڪريو، بس نيڪيءَ تي مددگار بڻجي وڃو. اسان نيڪيءَ تي مددگار بڻجنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! ثواب جا حقدار بڻجي وينداسين.
نه ڪَرڻ وارو، ڪَرِڻ وارو بڻجي ويو
ڪيترائي اهڙا ڪم آهن، جيڪي اسان ڪري ئي نه ٿا سگهون. مثال طور: