Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
ڪريون * ڳالهائڻ جي صلاحيت ته سڀني کي مليل آهي، جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون ته ان نيڪ ڪم ڪرڻ جي ترغيب ئي ڏياريون. اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! ثواب ملي ويندو.
حديث پاڪ ۾ آهي: هڪ تِيرُ جيڪو الله پاڪ جي راهه ۾ هلايو ويندو آهي، ان جي ذريعي 3 ماڻهن جي بخشش ڪئي ويندي آهي، (1): تِيرُ ٺاهڻ واري جي (2): تِيرُ ماڻهن تائين پهچائڻ واري جي (3): تِيرُ هلائڻ واري جي.([1])
تِيرُ هڪ هليو آهي، هلائڻ وارو به هڪ آهي، پر بخشش 3 ماڻهن جي ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ٻين ان ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي.
ڪتابن ۾ لکيل آهي: سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ، جيڪي پنهنجي دور جا تمام وڏا سُلطانَ ۽ عاشقِ رسول ٿي گذريا آهن، پاڻ ٽن ڳالهين جي حقيقت ڄاڻڻ جي جستجو ۾ هئا: (1): پهرين اها ته پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي هِنَ فرمان: اَلْعُلَمَاءُ وَرَثَةُ الأَنْبِيَاءِ (يعني عالِمَ نبين جا وارث آهن) مان ڪهڙا ماڻهو مراد آهن؟ (2): ٻي اها ته ڇا منهنجي والد جو نالو سَبُڪۡتِگِين ئي آهي يا مان ڪنهن ٻئي جو پٽ آهيان؟ (3): ٽين اها ته ڇا منهنجي بخشش ٿيندي يا نه؟
هڪ رات سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي لشڪر سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، هڪ خادم شمعدان (يعني روشنيءَ جو سامان) کڻي لشڪر جي اڳيان اڳيان هلي رهيو هو.
روشني ڏسي هڪ شخص ڪتاب کڻي پنهنجي گهر مان ٻاهر آيو ۽ شمعدان جي روشنيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيائين. سلطان دل ۾ سوچيو ته شايد هي ڪي عالمِ دين آهن ۽ سندن عزت ڪندي لشڪر کي روڪي ڇڏيائين ته جيئن هو آرام سان شمعدان جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪري وٺن. مطالعو ختم ڪرڻ