Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
هن حديث پاڪ جي شرح ۾ مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: يعني روزانو فرشتن جي زبان مان سخي جي حق ۾ ۽ ڪنجوس جي خلاف دعا نڪرندي آهي، جيڪا يقيناً قبول آهي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي دين جي مالي خدمت ضرور ڪرڻ گهرجي: * صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي عظيم سنت آهي، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي جُود ۽ سخا واري در تان ڪو به سوالي خالي هٿين واپس نه ويندو هو.([2]) * صدقو گناهن کي ائين مٽائيندو آهي، جيئن پاڻي باهه کي وِسائيندو آهي. ([3]) * صدقو جهنم جي باهه کان بچائيندو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي ته جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطر صدقو ڪندو آهي ته اهو صدقو ان جي ۽ باهه جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي. ([4])* صدقو الله پاڪ جي غضب کي ختم ڪندو آهي ۽ بُري موت کي دفع (يعني پري) ڪندو آهي.([5]) * فرمانِ مصطفىٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صدقو ڏيڻ ۾ جلدي ڪندا ڪريو ڇاڪاڻ ته بلا صدقي کي نه اورانگهيندي آهي.([6]) * صدقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو. ([7]) * صدقو بُرائيءَ جا 70 دروازا بند ڪندو آهي. ([8]) * صدقو قبر جي گرميءَ کان بچائيندو آهي. ([9]) * مسلمان جو صدقو سندس عمر وڌائيندو آهي.([10]) * الله پاڪ صدقي جي
[1]... مرآۃ المناجیح، جلد:3 ،صفحہ:69بتصرف۔
[2]... فیضانِ سخی سرور،صفحہ:6۔
[3]... ابنِ ماجہ ، كتاب الفتن ،باب كف اللسان فى الفتنہ ،صفحہ:649 ، حديث:3973 ملتقطاً۔
[4]... معجمِ كبير،جلد:10 ،صفحہ:409 ،حديث:20584۔
[5]... ترمذى، کتاب الزكاة، باب ما جاء فى فضل الصدقہ،صفحہ:189،حديث:664 ۔
[6]... مشکاة المصابیح، کتاب الزكاة، باب الانفاق وکراهیہ ...الخ،جز:1 ،جلد:1 ،صفحہ:359 ،حدیث:1887۔
[7]... سننِ کبری للبیہقی،کتاب الزكاة ، باب التحریض علی...الخ ،جلد:4 ،صفحہ:379 ،حديث:7751۔
[8]... معجمِ کبير،جلد:3 ،صفحہ:148 ،حديث:4276۔
[9]... شُعَبُ الْاِيمان،جلد:3 ،صفحہ:212 ،حديث:3347۔
[10]... معجمِ کبیر ،جلد:6 ،صفحہ:440،حدیث:13508۔