Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
* تفسير لکڻ ڪيترو نه اهم ڪم آهي، ديني ڪتاب لکڻ، ڪيڏو ثواب جو ڪم آهي. جيڪو اخلاص سان ديني ڪتاب لکندو آهي، جيستائين اهو ڪتاب پڙهيو ويندو، ان جي ذريعي هدايت ورتي ويندي، اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! لکڻ واري کي ثواب ملندو رهندو. ڪم ته وڏي فضيلت وارو آهي، پر اسان کي دڪان هلائڻ ته ايندو آهي، ڪتاب لکڻ نه ايندو آهي * سڄو ڪارخانو سنڀالي ويندا آهيون، 25 ملڪن ۾ ڦهليل ڪاروبار هڪ فرد سنڀالي رهيو هوندو آهي، اهو ته ڪري ويندا آهيون، پر ڪتاب لکڻ نه ايندو آهي، اِها ڪتاب لکڻ جي فضيلت اسان ڪيئن حاصل ڪريون؟ اصول ٻڌايو ويو: نيڪيءَ تي مددگار بڻجي وڃو! اوهان به ثواب ۾ حصيدار ٿي ويندؤ. تنهنڪري جيڪي ڪتاب لکڻ وارا آهن، انهن جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان خدمت ڪريو * دل ۾ حسرت آهي ته ڪاش! مون کي قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ جي سعادت ملي وڃي ها، پر نه ملي سگهي. هاڻي ڇا ڪجي؟ جيڪي حفظ ڪرڻ وارا آهن، انهن جي مدد ڪريو * دل ۾ ارمان آهي ته ڪاش! مون وٽِ پئسو هجي ها ته مان دين جي خدمت لاءِ لکين رپيا خرچ ڪريان ها، پر ايتري رقم ته نه آهي، هاڻي ڇا ڪجي؟ اَلدَّالَّ عَلَى الْخَيْرِ كَفَاعِلِهِ (ڀلائيءَ جو رستو ٻڌائڻ وارو، ڀلائي ڪرڻ واري جيان آهي). جيڪي پئسا وارا آهن، انهن کان پئسا وٺي دين جي خدمت تي لڳايون، اسان وچ ۾ ذريعو بڻجنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! اسان به ثواب جا حقدار ٿي وينداسين.
پنهنجو سامان هِن کي ڏَئِي ڇَڏِ ...!!
مسلم شريف جي حديث پاڪ آهي: هڪ دفعي هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يارسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! مان راههِ خدا ۾ سفر ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مون وٽ اسباب نه آهن. آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: فلاڻي صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ وٽِ وڃو! اُن خدا جي راهه ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ سڄي