Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
جيڪو به گُهرو حضور عطا فرمائيندا آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا و مولىٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سخي آهن، سخين جا به سخي آهن، سڀني کان وڌيڪ سخي آهن. اهڙي ڪا به شيءِ نه آهي، جيڪا هِن پاڪ در تان نه ملندي هجي.
کس چیز کی کمی ہے مولیٰ تیری گلی میں دُنیا تیری گلی میں، عقبیٰ تیری گلی میں
۽ مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا ته ڳالهه ڪئي آهي:
اُن کے طالِب نے جو چاہا پا لیا اُن کے سائِل نے جو مانگا مِل گیا ([1])
اها ئي ڳالهه آهي، هن پاڪ در تان جيڪي گهربو آهي، سو ملندو آهي* حضرت ابوهُريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حافظو گهريو هو، حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کين حافظو عطا فرمايو.([2]) * حضرت ربيعه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جنت گهري، کين جنت عطا ڪئي وئي.([3]) * ايتري تائين جو غزوهءِ بدر جي موقعي تي هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ تلوار گُهرِي، محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کين وڻ جي ٽاري ڏني، اها ٽاري ئي تلوار بڻجي وئي. تلوار ته نه هئي، ٽاري هئي، حضور اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو معجزن وارو هٿ لڳڻ سان، ٽاري تلوار بڻجي وئي.([4])
هتي ذهن ۾ اِهو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو ته هن درِ دولت تي انڪار جي ته گنجائش ئي نه آهي. جيڪي زمين تي رَهِي جنت ورهائي سگهن ٿا، انهن کان سواري جي لاءِ جانور گهريو ويو، محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سواري نه ڏني، فرمايائون: فلاڻي صحابي کان وڃي وٺو...!! آخر ان ۾ ڪهڙي حڪمت هئي...؟
هڪ حڪمت جيڪا سمجهه ۾ اچي رهي آهي، اها هِيءَ ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي پنهنجن سڀني اُمَّتين سان پيار آهي. محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو مزاج پاڪ ئي اهڙو آهي جو ڪنهن به سواليءَ کي خالي نه