Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

رسولِ هاشمي، محمد عربي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ايتري ڊگهي سجدي ڪرڻ جي حڪمت بيان فرمائي). فرمايائون: مون وٽِ جبرائيل اَمين عَلَیْهِ السَّلَام  حاضر ٿيا ۽ ٻڌايائون: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! جيڪو اوهان تي درود پڙهندو، مان اُنَ تي رحمتون نازل فرمائيندُس ۽ جيڪو اوهان تي سلام موڪليندو، مان ان تي سلامتي موڪليندس. اِنَ نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ مون ايڏو ڊگهو سجدو ڪيو. ([1])

 اللہُ اَکْبَر! اي عاشقانِ رسول! غور ته ڪريو! * درود ڪنهن کي پڙهڻو آهي؟ اُمَّتي کي * رحمت ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ اُمَّتي تي * سلام ڪنهن کي موڪلڻو آهي؟ اُمَّتي کي * الله ڪريم جي سلامتي ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ اُمَّتي تي * ۽ سجدهءِ  شڪر ڪير ادا ڪري رهيا آهن؟ امت جا غمخوار ۽ شفاعت فرمائڻ وارا، اُمَّت کي بخشرائڻ ۽ جنت ۾ پهچائڻ وارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! سُبْحٰنَ اللہ! اندازو لڳايو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي پنهنجي اُمَّت سان ڪيڏو نه پيار آهي. الله! الله! اُمَّت گناهه ڪري، آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم راتيون روئي روئي گذارن، اُمَّت کي نعمت ملي، آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم شڪر جا سجدا بجا آڻن. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه       جا ڀاءُ، مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه            لکن ٿا:

تم کو تو غلاموں سے ہے کچھ ایسی  محبّت          ہے ترکِ  اَدَب ! ورنہ کہیں ہم  پہ فدا ہو ([2])

وضاحت: يارسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! اوهان کي پنهنجي غلامن سان ايتري ته محبت آهي، اهو ادب جي خلاف آهي، نه ته اسان چئون ته اسان تي فدا آهيو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... مسندِ امام اَحْمَد، جلد:1، صفحہ:522، حدیث:1686۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:211 ۔