Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[1](
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
روايت آهي ته هڪ دفعي هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يارسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! مون کي سواري جي ضرورت آهي، عطا فرمايو!
محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: هن وقت سواري ته موجود نه آهي، هينئن ڪريو! فلاڻي انصاري وٽ وڃو، انهن کي چئو، هُو توهان کي سواري ڏئي ڇڏيندا. اهي صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ٻڌايل انصاري وٽ پهتا، آقا ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو پيغام کين ٻڌايائون، انهن هڪ اٺ اُنَ صحابي کي ڏنو. هي اهو اٺ وٺي ٻيهر بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! مون کي سواري جي لاءِ اُٺ ملي ويو آهي. آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اِنطَلِقْ، فَاِنَّ الدَّالَّ عَلَى الْخَيْرِ كَفَاعِلِهِ ٺيڪ آهي! وڃو...!! بيشڪ ڀلائيءَ جو رستو ٻڌائڻ وارو به ڀلائي ڪرڻ واري جيان آهي.([2])