Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ     ؕ  وَ الـصَّـلٰـوۃُ  وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی  خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ

اَمَّـا بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ  الـشَّـیۡـطٰنِ  الـرَّجِیۡمِ  ؕ   بِـسۡمِ  الـلّٰـہِ  الـرَّحۡـمٰنِ  الـرَّحِـیۡمِ     ؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                           اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                          اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي  فضيلت

حضرت عَبْدُالرَّحْمٰن بن عَوْف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن نبين جا سردار، مديني جا تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم دولت خاني (يعني مبارڪ گهر) مان ٻاهر تشريف کڻي آيا ۽ هڪ باغ جي طرف رخ فرمايائون. حضرت عَبْدُالرَّحْمٰن بن عوف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کين ڏٺو ته سندن پويان پويان هلڻ شروع ڪيائون. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم باغ ۾ داخل ٿيا، قبلي شريف جي طرف منهن ڪيائون ۽ مٿو مبارڪ سجدي ۾ رکي ڇڏيائون. حضرت عَبْدُالرَّحْمٰن بن عوف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پري کان بيهي اهو منظر ڏسندا رهيا. فرمائن ٿا ته بيڪسن جي مددگار، سرڪارِ عالي وقار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تمام گهڻو ڊگهو سجدو ڪيو، ايتري قدر جو مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته متان سجدي جي حالت ۾ ئي الله پاڪ سندن مبارڪ روح قبض نه ڪري ورتو هجي. اهو خيال ايندي ئي مان اڳتي وڌيس ۽ ويهي رهيس. حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سجدي مان مٿو مبارڪ کنيو ۽ پڇيائون: ڪير آهي؟ مون عرض ڪيو: حضور! عَبْدُالرَّحْمٰن. پڇيائون: ڪهڙو ڪم آهي؟ مون عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! اوهان ايترو ڊگهو سجدو ڪيو جو مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي الله پاڪ سجدي ۾ ئي اوهان جو مبارڪ روح قبض نه ڪري ورتو هجي.

(عاشقِ زار جي اهڙي محبت ڀري ڳالهه ٻڌي، الله پاڪ جي آخري نبي،