Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

جو رستو ڏيکاريو، مثال طور: * هن ڪنهن کي نماز جي دعوت ڏني * ڪنهن کي تلاوت جي ترغيب ڏياري * ڪنهن کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو ذهن ڏنو * ڪنهن امير شخصيت کي چيو: فلاڻو مدرسو آهي، جنهن ۾ ٻارن کي حفظ ۽ ناظره جي تعليم ڏني ويندي آهي * دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪري رهي آهي، اوهان اسان سان مالي تعاون فرمايو. يعني هن نيڪيءَ جي دعوت ڏني، هاڻي ٻه صورتون ٿينديون:  (1): پهرين صورت اها ته سامھون واري نيڪيءَ جي دعوت قبول ڪئي، هن نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيون * تلاوت ڪرڻ لڳو * خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ مالي خدمت ڪئي، هن صورت ۾ جيڪو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ وارو آهي، ان کي به اوترو ئي ثواب ملندو، جيترو ڪم ڪرڻ واري کي ملي رهيو آهي، مثال طور هن هڪ لک روپيا دين جي خدمت لاءِ پيش ڪيا ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري کي به هڪ لک روپيا خرچ ڪرڻ جو ثواب ملندو. (2): ٻي صورت اها ته هن نيڪيءَ جي دعوت ڏني، پر سامھون واري نه مڃي، هن صورت ۾ کيس نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو ثواب پوءِ به ملندو.([1]) 

يعني ڪنهن به صورت ۾ نقصان نه آهي، هي جيڪو نيڪيءَ جي ڪم ۾ وسيلو بڻجڻ وارو شخص آهي، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ وارو خوشنصيب آهي، هن جون ته چارئي آڱريون گيهه ۾ آهن، سامھون وارو ڳالهه مڃي ته به ثواب، جيڪڏهن نه مڃي تڏهن به ثواب ئي ثواب آهي.

وَهندڙ درياءَ مان هٿ ڌوئڻ

هڪ چَوِڻِي آهي: وَهندڙ درياءَ مان هٿ ڌوئڻ. يعني درياءُ وهي رهيو آهي، ان کي وهڻو ئي آهي، رڪڻو ناهي، وهندڙ پاڻيءَ مان اسان به پنهنجا هٿ ڌوئي وَٺُون. فائدو ٿي ويندو. 

مطلب هي آهي ته نيڪي آهي، اها ٿي رهي آهي، ٿيڻي آهي، نيڪيءَ جو ڪم، دين جو ڪم ٿيندو ئي رهندو، رڪجڻ واور ناهي. جيڪڏهن اسان وچ


 

 



[1]...  فیض القدیر، جلد:3، صفحہ:716، زیرِ حدیث:4246 مفصلاً۔