Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

رسالن جو ترجمو ڪري چڪو آهي. خدام المساجد ۽ مدارس المدينه جي تحت تقريباً 7 هزار 243 مسجدن جي تعمير ٿي چڪي آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! اسان مان ڪو به اِهي سمورا ڪم اڪيلي سِر نه ٿو ڪري سگهي، ظاہر آهي ته گڏجي ئي ڪري سگهجن ٿا. جنهن کي الله پاڪ مال ڏنو آهي، اُهو مال لڳائيندو آهي، جنهن وٽ وقت آهي، اهو وقت ڏيندو آهي، ڪنهن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل آهي، اهو پنهنجون مهارتون پيش ڪندو آهي، ائين مِلي جُلي دنيا ۾ دين جو ڪم ٿي رهيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان به ان ۾ پنهنجو حصو شامل ڪريون. 

ڏاڍو سٺو موقعو آهي، 12 آڪٽوبر تي اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! ٽيلي ٿون ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ دعوتِ اسلامي جي سمورن جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خيرخواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪمن ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ يونٽس جي صورت ۾ چندو گڏ ڪيو ويندو. 10,000 رپين جو     هڪ يونٽ آهي. هڪ يونٽ ڏئي سگهو ٿا ته هڪ يونت ڏيو! 50 يونٽ ڏئي سگهو ٿا ته 50 يونٽ ڏيو! 1200 يونٽ ڏئي سگهو ٿا ته 1200 يونٽ ڏيو! اڌ يونٽ ڏئي سگهو ٿا ته اڌ يونٽ ڏيو! ڪجهه به نه ٿا ڏئي سگهو ته پنهنجي خاندان ۾، پنهنجي محلي ۾، پنهنجي دوستن ۾، سڃاڻپ وارن ۾ جيڪي ڏئي سگهن ٿا، مالدار آهن، انهن کي ترغيب ڏياريو! انهن کان يونٽ گڏ ڪريو! ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن نيڪ ڪم ۾ اسان جو حصو شامل ٿي وڃي. اها اسان جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گهرجي.

عطار جي دعا

پيارا اسلامي ڀائرو! ٽيلي ٿون ۾ عطيا ڏيڻ وارن کي اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتُہمُ العَالِیہ جن دعا سان پڻ نوازيو آهي، پاڻ هنن لفظن سان دعا عطا فرمائي آهي ته يا الله پاڪ! جيڪو به دعوتِ اسلامي جي لاءِ * ڀلي 1 يونٽ