Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا
ترجموڪنزالعرفان: آهي ڪو جيڪو الله کي چڱو قرض ڏي.
علماء فرمائن ٿا: هن جاءِ تي خدا جي راهه ۾ اخلاص سان مال خرچ ڪرڻ کي قرض سان تعبير ڪيو ويو آهي، ان مان اها ڳالهه دل ۾ ويهارڻ مقصود آهي ته جيئن قرض ڏيڻ واري کي اطمينان هوندو آهي ته سندس مال ضايع نه ٿيندو ۽ هو ان جي واپسي جو مستحق آهي، تيئن ئي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ واري کي اطمينان رکڻ گهرجي ته هو ان خرچ جو عيوض يقيناً حاصل ڪندو، ۽ اهو به معمولي نه، پر: ([1])
فَیُضٰعِفَهٗ لَهٗۤ اَضْعَافًا كَثِیْرَةًؕ-
ترجمو ڪنز العرفان: ته الله ان لاءِ ان قرض کي تمام گهڻو وڌائي.
حضرت عثمان نَهۡدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تابعي بزرگ آهن، انهن کي ڪنهن ٻڌايو ته حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا ته مومن ٻانهي کي هڪ نيڪي جي بدلي ۾ 10 لک نيڪيون ملنديون (يعني جيڪڏهن هڪ رپيو خدا جي راهه ۾ صدقو ڪيو وڃي ته ثواب ۾ اهو 10 لک دفعا هوندو.) حضرت عثمان نهدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مديني منوره ۾ حاضر ٿيا ۽ حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان پڇيائون: ڇا توهان اهو ارشاد فرمايو آهي؟ حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: مون ائين نه چيو هو، مون ته چيو هو: الله پاڪ مومن ٻانهي کي هڪ نيڪي جي بدلي ۾ 20 لک دفعا عطا فرمائيندو آهي. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ جي ڪيڏي نه ڪرم نوازي آهي، مال به هُن جو، ڏنو به هُن، جيڪڏهن اسان سندس راهه ۾ خرچ ڪريون ته مال به محفوظ ۽ ثواب به اهڙو جيڪو ڳڻپ ۽ شمار ۾ به نه اچي سگهي.