Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
میں نثار تیرے کلام پر ملی یُوں تو کس کو زباں نہیں
وہ سخن ہے جس میں سخن نہ ہو، وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں ([1])
وضاحت: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! اهلِ زبان ۽ قادر الڪلام ته ڪيترائي آهن ۽ انهن جي ڪلام تي اعتراض ڪرڻ وارا به گهڻا آهن، پر مان اوهان جي ڪلام تي، اوهان جي بيان تي قربان وڃان، ان ڪلام تي ته ڪو اعتراض ٿي ئي نه ٿو سگهي ۽ بيان ته اهڙو آهي جنهن جو ڪو جواب ئي نه آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ غور ڪريو! سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا ڪيو هو؟ صرف ٿوري دير جي لاءِ رڪجي عالمِ دين کي روشني فراهم ڪئي هئي. اهو عالم صاحب جيڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪري رهيو هو، ان ۾ پنهنجو ٿورو حصو شامل ڪيائون، ان جي برڪت سان، محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مٿن ڪرم فرمايو، پنهنجو جلوو به ڏيکاريائون ۽ کين بخشش جي خوشخبري به ٻڌايائون.
اسان کي به پنهنجي عادت بڻائڻ گهرجي ته جيڪا نيڪي ٿي رهي آهي اُها ٿي ئي ويندي. پر جيڪڏهن اسان به ان ۾ پنهنجو حصو شامل ڪنداسين ته فائدو ٿي ويندو.
اَلحمدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اَلحمدُ لِلّٰہ! ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوت اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. تقريباً 20 هزار 235 جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ ۽ ناظره، عالم ڪورس (درس نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization) ۽ فرض عُلوم ڪورس ڪرايا ويندا آهن * جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز ۽